بلڙي شاهه ڪريم: نوجوان غربت کان تنگ اچي پاڻ کي باهه ڏئي ڇڏي

بلڙي شاهه ڪريم (ويب ڊيسڪ) بلڙي شاهه ڪريم ۾ نوجوان بک، بدحالي ۽ غربت سبب پاڻ مٿان پيٽرول هاري باهه ڏئي ڇڏي جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ رحيم بخش رند جي رهواسي معذور شاهين عرف جمعون رند پاڻ کي باهه ڏني جنهن کي رورل هيلٿ سينٽر بلڙي شاهه ڪريم منتقل ڪيو ويو. پر سندس حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس حيدرآباد ريفر ڪيو ويو.
نوجوان جي ڀاءُ وٽ رقم نه هجڻ سبب ڳوٺاڻن چندو ڪري کيس حيدرآباد اسپتال پهچايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.