موسمياتي تبديلين سبب ڦڦڙن جي مرضن جهڙوڪ سَهڪي مان متاثر ماڻهن لاءِ خطرا وڌي رهيا آهن.
اها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي.
جرنل European Respiratory ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته ڦڦڙن جي مرضن جهڙوڪ سهڪي ۽ Chronic obstructive pulmonary disease (سي او پي ڊي) جو شڪار ماڻهو موسمياتي تبديلين جي سنگين خطرن کي منهن ڏئي سگھن ٿا.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته هيٽ ويوز، ٻيلن ۾ ٻاهه ۽ ٻوڏ وغيره جهڙين موسمياتي تبديلين جي اثرن سان سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهن لاءِ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي سگھي ٿو.
محققن ٻڌايو ته موسمياتي تبديلين سان هر فرد جي صحت تي ناڪاري اثر پوندا پر ڦڦڙن جي مرضن جو شڪار مريضن کي وڌيڪ ڏکيائيون پيش اينديون.
هنن چيو ته جن ماڻهن کي اڳ ئي ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي آهي، انهن جون علامتون موسمياتي تبديلين سبب وڌيڪ خراب ٿي وينديون.
سندس چوڻ هو ته هوائي گدلاڻ اڳ ئي ڦڦڙن کي نقصان رسائي رهي آهي ۽ هاڻ موسمياتي تبديليون به ساهه کڻڻ جي نظام جي مرضن جو شڪار ماڻهن لاءِ وڏو خطرو بڻجي ويون آهن.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته موسمياتي تبديلين سبب گرمي پد وڌي رهيو آهي جڏهن ته هيٽ ويوز، سوڪهڙو، ٻيلن کي باهه ۽ ٻين موسمياتي اثرن سبب هوا ۾ گھم ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
واضح رهي ته هن سال سڄي دنيا ۾ گرمي پد ۾ اضافي جا نوار رڪارڊز قائم ڏسڻ ۾ آيا آهن.
محققن ٻڌايو ته ماڻهن کي ان حوالي سان آگاهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهي پاڻ کي موسمياتي تبديلين جي ناڪاري اثرن کان بچائڻ لاءِ قدم کڻي سگھن.