اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو اعلان ڪري ڇڏيو، سيڙپڪاري زرعي شعبي، آءِ ٽي سيڪٽر ۽ کاڻن جي شعبي ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي.
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب ايندڙ ٻن کان پنجن سالن دوران پاڪستان ۾ 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪندو.
هن چيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ کاڻن جي شعبي، زرعي شعبي ۽ آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جو ارادو رکي ٿو، سعودي سيڙپڪاري سان ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ معدنيات جي وسيلن جي ماليت تقريبن 6 ٽريلين ڊالر آهي، نگران حڪومت ايندڙ 6 مهينن ۾ توانائي جي ٻن سرڪاري ڪمپنين جي نجڪاري مڪمل ڪندي، جڏهن ته توانائي جي شعبي کان ٻاهر وڌيڪ هڪ ڪمپني جي به نجڪاري تي غور ڪيو پيو وڃي.
هوڏانهن پرڏيهي ميڊيا جو چوڻ آهي ته 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري هيل تائين سعودي عرب جي سڀ کان وڏي سيڙپڪاري هوندي.
You might also like