جئه شاهه وري پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ لڳو!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي سيڪريٽري جئه شاهه جو هڪ ڀيرو وري پاڪستان خلاف بيان سامهون آيو آهي.

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر نجم سيٺي جي ٽوئيٽ تي جواب ڏيندي چيو آهي ته ايشيائي ٽيمون پاڪستان ۾ ايشيا ڪپ کيڏڻ لاءِ تيار نه هيون.

جئه شاهه چيو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ معاشي حالتن تي ايشيائي مُلڪن کي ڳڻتي هئي اسان پاڪستان جو هائبرڊ ماڊل منظور ڪري ايشيا ڪپ جو شيڊيول ترتيب ڏنو.

هن چيو ته گڏيل عرب رياستن ۾ ٽي ٽوئنٽي ميچون قابلِ قبول هيون، ون ڊي فارميٽ نه، سپٽيمبر جي گرمي ۾ سئو اوورن جي ڪرڪيٽ رانديگرن کي متاثر ڪري سگهي ٿي.

ياد رهي ته سريلنڪا ۾ تيز برساتن سبب ايشيا ڪپ متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، صورتحا کي نظر ۾ رکندي پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري جئه شاهه سان رابطو ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.