اسرائيل بحرين ۾ پنهنجو سفارتخانو کولي ورتو

مناما (ويب ڊيسڪ) اسرائيل ۽ بحرين وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچڻ جي ٽن سالن کانپوءِ اسرائيل بحرين ۾ پنهنجو سفارتخانو کولي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب گذريل ڏينهن بحرين ۾ اسرائيل جي نئين سفارتخاني جو افتتاح ڪيو ويو. ان موقعي تي بحرين دوري تي موجود اسرائيل جي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن پنهنجي بحريني هم منصب سان ملاقات ڪندي واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو.
واضح رهي ته آمريڪا جي ڪوششن سان اسرائيل جو عرب رياستن سان لاڳاپن جي بحالي جو معاهدو 2020ع ۾ ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.