سٺي خبر، سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ هزارين رپيا لاٿ آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 6 هزار 300 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ ٻه لک 23 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 5 هزار 402 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک 99 هزار 588 رپين جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.