انساني شاهڪار چين جي عظيم ڀت ٽوڙي وئي

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) گھڻن ماڻهن کي ڊگھن رستن تي سفر ڪرڻ پسند ناهي هوندو ۽ ان جي ڪري اهي شارٽ ڪٽ جي ڳولا ڪندا آهن يا پاڻ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

اهڙو ئي ڪجهه چين ۾ به ٿيو جتي 2 ڄڻن کي چين جي عظيم ڀت ۾ سوراخ ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو.

چين جي صوبي شنسي جي علائقي Youyu ۾ اهو واقعو پيش آيو.

مقامي پوليس موجب 38 ورهين جي مرد ۽ 55 ورهين جي عورت پنهنجي تعميراتي ڪم جي جاءِ تي پهچڻ لاءِ چين جي عظيم ڀت ۾ سوراخ ڪري شارٽ ڪٽ بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

هنن Excavator جو استعمال ڪري چين جي عظيم ڀت ۾ اڳ کان موجود هڪ سوراخ کي ويڪرو ڪيو ته جيئن هنن جي مشين اتان گذري سگھي.

پوليس موجب ٻنهي جوابدارن ٻئي پنهنجي سفر جو مفاصلو گھٽ ڪرڻ چاهين پيا پر ان سان چين جي عظيم ڀت کي نقصان پهتو آهي.

ڀت جي ان حصي ۾ هڪ سوراخ ڪرڻ جي رپورٽس کان پوءِ 24 آگسٽ تي مقامي اختياريون الرٽ ٿيا ۽ هنن جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.

ان متاثر حصي جي تصوير به سامهون آئي آهي جنهن ۾ هڪ ٽٽل رستي کي ڀت جي سوراخ مان گذرندي ڏسي سگھجي ٿو.

اختيارين موجب ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ هنن کان جاچ جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.