” وڏي مڙسي ڪئي اٿوَ“ ڀارتي رانديگرن نيپالي ڪرڪيٽرن کي ميڊلز سان نوازي ڇڏيو، ڏسو وڊيو

ڪينڊي ( ويب ڊيسڪ ) ايشيا ڪپ ۾ ڀارت خالف ميچ ۾ نيپالي رانديگرن طرفان شاندار پرفارمنس تي ڀارتي ڪرڪيٽرن مخالف رانديگرن کي ميڊلز سان نوازي ڇڏيو.

سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ايڪس  تي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته  ايشيا ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم خلاف ميچ ۾ شاندار ڪارڪردگي تي نيپالي ٽيم جي رانديگرن کي ميڊلز سان نوازو ويو .

ڀارتي ڊريسنگ روم ۾ جن نيپالي رانديگرن کي ميڊلز پارايا ويا انهن ۾ بهترين بيٽنگ ڪرڻ تي آصف شيخ، آل رائونڊ ڪارڪردگي تي سومپال ڪامي جڏهن ته بيٽنگ، بالنگ ۽ فيلڊنگ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ديپيندر سنگهه ايري کي به ميڊل ڏنو ويو .

ڀارتي نائب ڪپتان هاردِڪ پانڊيا، ويرات ڪوهلي ۽ ڪوچ راهول ڊريوڊ رانديگرن کي ميڊلز پارايا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.