پشاور (ويب ڊيسڪ) مڙس بيروزگار ٿيو ته ان تي قربان ويندڙ زال پيڪين وڃي سامان ٻُهاري آئي، ان ڪم ۾ مڙس به سندس ساٿ ڏنو.س
پشاور جي علائقي حيات آباد ۾ زال مڙس گڏجي ملڪي، پرڏيهي ڪرنسي، سون چاندي جي زيورن سميت ٻيو قيمتي سامان چورائي ورتو ۽ اها واردات انهن پنهنجي ئي گهران ڪئي.
زال مڙس سان گڏجي معمول موجب پيڪين آئي پر هن ڀيري ان جي نيت صاف نه هئي، ٻنهي گهر مان ڦرلٽ ڪئي ۽ فرار ٿي ويا.
گهر وارن کي لڳو ته ڪنهن چورن جي گروهه واردات ڪئي آهي، هنن پوليس گهرائي ته حقيقت سامهون اچي وئي ۽ چوري ٿيل سامان سوڌو زال مڙس کي گرفتار ڪيو ويو.
You might also like