لاهور(م ڊ) قومي احتساب بيورو (نيب) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهيءَ جي آزادي ۽ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جي عدالت سڳوريءَ جي سنگل بينچ جي فيصلي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي. نيب انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ پرويز الاهيءَ سميت ٻين کي ڌُر بڻايو آهي ۽ مؤقف اختيار ڪيو آهي ته. پرويز الاهي جي گرفتاري قانوني هئي، پرويز الاهي ريمانڊ تي هو. نيب اختيارين اپيل ۾ مؤقف اختيار ڪيو آهي ته سنگل بينچ حقيقتن جو درُست جائزو ناهي ورتو ۽ سندس آزاديءَ جو حڪم جاري ڪيو. پرويز الاهي کي ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم به قانوني طور تي درست ناهي.