پشاور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرين جي سربراهه پرويز خٽڪ دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان فوج خلاف انقلاب آڻڻ چاهيندو هو، جنرل (ر) قمر جاويد باجوه اسان جو تمام گهڻو ساٿ ڏنو هو پر آخر ۾ هٿ مٿي ڪري ڇڏيا، پشاور ۾ پي ٽي آءِ پارليامينٽرين جي وائيس چيئرمين محمود خان سان گڏ صحافين سان ملاقات ۾ پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته اليڪشن جي لاءِ جنرل (ر) فيض حميد ۽ قمر جاويد باجوه ماحول ٺاهيو پر عمران نه مڃيو، جنرل (ر) باجوه چيو ته شهباز شريف لکي ڏيندو ته اسيمبلي تحليل ٿيندي، هن عمران خان کي چيو ته ڌرڻو ختم ڪيو پر پي ٽي آءِ چيئرمين انڪار ڪيو، پرويز خٽڪ جو اهو به چوڻ هو ته اڳوڻي آرمي چيف باجوه اسان جو تمام گهڻو ساٿ ڏنو پر آخر ۾ هن هٿ مٿي ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته مان وڌيڪ ڪجهه نٿو ڪري سگهان.