ادرڪ جو پاڻي پيئو ۽ بي شمار فائدا حاصل ڪيو

ليمون پاڻي جي فائدي مان ته سڀ ئي واقف آهن پر هاڻ طبي ماهرن ادرڪ جي پاڻي جا به بي شمار طبي فائدا ٻڌائي ڇڏيا آهن.

ادرڪ اسان جي کاڌن ۾ عام استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ عام طور تي هي سڀني گهرن ۾ موجود هوندو آهي، ادرڪ جو پاڻي نيراني استعمال ڪرڻ سان ٿولهه جي خاتمي، بلڊ پريشر ۽ ڪوليسٽروم کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ادرڪ جي پاڻي جو باقاعده استعمال هاءِ بلڊ پريشر کي گهٽ ڪندو آهي، ان ۾ موجود اينٽي انفليميٽري ايجنٽ ۽ اينٽي آڪسيڊنٽ ڪينسر جهڙي موذي مرضن کان محفوظ رکي سگهي ٿو.

ادرڪ جو پاڻي هاضمي واري نظام جي خراب کي ختم ڪري ٿو ۽ سنڌَن جي سور مان ڇوٽڪارو ڏياري ٿو.

ادرڪ جو پاڻي ٺاهڻ جو طريقو:

ٿورڙي مقدار ۾ ادرڪ جا ٽڪرا، ڏيڍ ليٽر پاڻي ۽ هڪ ليمون کڻو. پاڻي کي اُٻرڻ لاءِ چُلهي تي رکو، جڏهن پاڻي اُٻرڻ لڳي ته ان ۾ ادرڪ جا ٽڪرا وجهي ڇڏيو ۽ 15 کان 20 منٽن تائين هلڪي باهه تي هن کي اُوٻارو ڏي.

پاڻي اُٻرڻ کان پوءِ هن کي ٿڏو ڪيو ۽ ليمون شامل ڪري پيئو، طبي ماهر چون ٿا ته جيڪڏهن اِهو نسخو صبح نيراني استعمال ڪيو ته وڌيڪ فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

ماهرن جو چوڻ آهي ته ادرڪ جي پاڻي جي بهترين نتيجن لاءِ هڪ گلاس صبح ناشتي کان اول ۽ هڪ گلاس رات جي ماني کان اڳ ضرور پيئو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.