عرفان پٺاڻ غزا جي مظلوم ٻارن لاءِ آواز اٿاري ڇڏيو

اسرائيل جي غزا ۾ جارحيت خلاف سڄي دنيا جا سياستدان، فنڪار توڙي رانديگر آواز اٿاري رهيا آهن.
ڀارتي حڪومت سميت اتان جي اڪثريت هن وقت اسرائيل فلسطين جنگ ۾ اسرائيلين سان گڏ آهي ۽ فلسطين سان نفرت جو اظهار سوشل ميڊيا تي جاري بيانن ذريعي ڪيو پيو وڃي.
پر ان جي ابتڙ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر عرفان پٺاڻ فلسطيني ٻارن ۽ غزا ۾ جاري ظلمن خلاف آواز اٿاريو آهي.
عرفان پٺاڻ هڪ ٽوئيٽ ۾ عالمي اڳواڻن کان متحد ٿي انهن حملن کي ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.

هن لکيو ته غزا ۾ هر ڏينهن معصوم ٻار زندگيون وڃائي رهيا آهن ۽ دنيا خاموش آهي، هڪ رانديگر طور مان رڳو آواز اٿاري سگهان ٿو پر هاڻ وقت اچي ويو آهي ته عالمي اڳواڻ متحد ٿي وڃن ۽ قتل عام بند ڪرائين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.