مڪي آرٿر اهم ميچ کان اڳ ڪيويز کي ڊيڄاري ڇڏيو!

بينگلور (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڊائريڪٽر مڪي آرٿر چيو آهي ته اسان ڄاڻون ٿا رن ريٽ ڪيئن بهتر ڪرڻو آهي.
ورلڊ ڪپ ۾ نيوزيلينڊ خلاف اهم ميچ کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي مڪي آرٿر چيو ته ٽورنامينٽ ۾ پهريون ڀيرو بنگلاديش خلاف بهترين ڪرڪيٽ کيڏي، جنهن جو فائدو ٿيو، ڏکڻ آفريقا به ڪنهن حد تائين اسان کي فائدو ڏنو آهي.
ڪيويز خلاف ميچ جي حوالي سان هن چيو اندازو آهي ته هتي هاءِ اسڪورنگ گيم ٿيندي آهي، انگ اکر ڏسي اسان حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي، اسان جي ذهن ۾ آهي ته رن ريٽ نيوزيلينڊ کان ڪيئن بهتر ڪرڻو آهي، اسان وٽ هر قسم جو سيناريو موجود آهي.
سندس چوڻ هو اسان جي رانديگرن لاءِ هر وينيو هڪ نئون وينيو آهي، رانديگرن ٽي وي تي آءِ پي ايل ۽ ٽيسٽ ميچون ڏٺيون آهن، اسان هر ميچ کٽڻ لاءِ ميدان ۾ لهندا آهيون.
مڪي آرٿر چيو ته شاداب خان جي شروعاتي ميڊيڪل ٽيسٽ ورتي وئي آهي پر ان جي ٽيم ۾ شموليت جي حوالي سان ڪو فيصلو ناهي ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.