ڊپريشن کان پريشان ماڻهن لاءِ ماهرن جي وڏي خوشخبري

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڊپريشن اسانجي زندگي ۾ هڪ عام مرض بڻجي چڪو آهي، ڊپريشن ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجو پاڻ اڪيلو محسوس ته ڪندا ئي ڪندا آهن پر انهن جي زندگين کي به خطرا هجن ٿا. پر اهو مرض ٿيڻ جو هڪ فائدو ڄاڻي اوهان حيران ٿي ويندئو.

آمريڪا ۾ ڪيل هڪ تحقيق موجب اهي ماڻهو جيڪي سخت ڊپريشن جو شڪار هوندا آهن اهي گھڻا تخليقي ثابت ٿيندا آهن ۽ زندگي ۾ انهن جي ڪاميابي جا امڪان گھڻا هوندا آهن.

تحقيق ۾ هالي ووڊ جي ڪيترن ئي فنڪارن جو مثال ڏنو ويو آهي جيڪي پنهنجي زندگي ۾ سخت ڊپريشن جو شڪار رهيا هئا، انهن مان ڪجهه فنڪارن ته آپگھات به ڪري ڇڏيو پر ان باوجود هنن جي پيشيوراڻي زندگي کي گهڻو ڪامياب سمجهو ويندو آهي.

هالي ووڊ جي ليڊي گاگا ۽ ڊوائن جانسن سميت ڪيترن ئي فنڪارن ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته اهي به ڊپريشن جو شڪار رهيا آهن، جڏهن ته آمريڪي صدر ابراهام لنڪن جو ڪتاب اسان کي ٻڌائي ٿو ته سندس جي سموري حياتي ڊپريشن ۾ گذري.

ماهرن موجب اسانجي دماغ ۾ اهي جين جيڪي ڊپريسن جو سبب بڻبا آهن اهي ئي انسان کي ڪامياب ٿيڻ طرف راغب ڪندا آهن.

تحقيق ۾ اهو به چيو ويو ته عملي زندگي ۾ ڪامياب ماڻهن مان پنجويهه سيڪڙو ڪنهن نه ڪنهن دماغي مرض جو شڪار ٿي سگھن ٿا.

ڪجهه ماهرن موجب ڊپريشن دماغي ڪاڪردگي کي بري طرح متاثر ڪندو آهي تنهنڪري اهو چوڻ بلڪل درست ناهي ته توهان لاءِ اهو فائديمند آهي، پر ڊپريسن دوران ڪجهه علامتون اهڙيون ٿي سگھن ٿيون جيڪي ڪنهن شخص کي عملي زندگي ۾ ڪامياب بڻائي سگھن ٿيون .

هڪ نفسيات ماهر اها به دعويٰ ڪئي آهي ته ڊپريشن جا مريض اهڙا به هئا جن  پنهنجين صلاحين جو مظاهرو ان وقت ڪيو جڏهن هو گھڻي ڊپريشن مان گذري رهيا هئا، پر هو ان دعويٰ کي ثابت نٿو ڪري سگھي.

Leave A Reply

Your email address will not be published.