پڙهيا لکيا ماڻهو وڌيڪ صحتمند هوندا آهن: ماهرن جي تحقيق

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) هڪ سائنسي سروي مان خبر پئي آهي ته جيڪي شاگردڻيون ۽ شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪن ٿا اهي ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صحت مند رهندا آهن ۽ انهن ۾ دل جي بيمارين ۽ فالج جو خطرو به گهٽ هوندو آهي. مطلب ته هر سال 3.6 تعليم عيوض شاگردن جي باڊي ماس انڊيڪس ( بي ايم آءِ ) ۾ هڪ يونٽ جي گهٽتائي ٿيندي آهي.

مطالعي مان اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته پڙهائي دوران شاگردياڻيون ۽ شاگرد بلڊر پريشر جي مرض کان به محفوظ رهندا آهن جيڪو دل جي بيماري، فالج ۽ ٻين بيمارين جو ڪارڻ آهي.

برطانيا جي چئن مشهور يونيورسٽين اها تفصيلي سروي ڪئي آهي جن ۾ آڪسفورڊ، ڪيمبرج ، يونيورسٽي آف برسٽل ۽ امپيريل ڪاليج لنڊن شامل آهن. جيتوڻيڪ ان ۾ جسماني وزن، تماڪ واپرائڻ ۽ ٻين فعلن کي به شامل ڪيو ويو آهي پر ماهرن نتيجو ڪڍندي چيو آهي ته هر ساڍن ٽن سالن جي اضافي تعليم دل جي بيمارين جي خطري کي گهٽائيندي آهي.

اعليٰ تعليم يافته پنهنجي صحت ۽ زندگي جي ٻين عملن جو وڌيڪ شعور رکندا آهن ۽ هو  گهٽ بيمار ٿيندا. هن تحقيق ۾ ٻين عملن جو به جائزو ورتو ويو آهي .

ان تحقيق ۾ 20 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کانسواءِ ڏهه لک ٻين ماڻهن جو به غور سان جائزو ورتو ويو. ماهرن سندن ڊي اين اي جي هڪ هنڌ سنگل نيو ڪليوٽائڊ پولي پارفنزم ( ايس اين پي ) تي به غورويچار ڪيو آهي جيڪو تماڪ واپرائڻ، بي ايم آءِ ۽ بلڊ پريشر لاءِ هڪ بايو مارڪر طور به استعمال ٿيندو آهي.  ماهرن اهو جينياتي تعلق به تعليم يافته ماڻهن ۾ خاص طور نوٽ ڪيو آهي.

ماهرن ٻڌايو ته اعليٰ تعليم يافته شاگردن ۽ شاگردياڻين جو چاليهه سيڪڙو انگ گهٽ بي ايم آءِ، مناسب بلڊ پريشر ۽ تماڪ واپرائڻ ڏانهن لڳاءُ نه رکندي دل جي بيمارين ۽ فالج کان محفوظ رهندا آهن.

جيتوڻيڪ اعليٰ تعليم ۽ ان جو شعور پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو پر ان رپورٽ ۾ ان ڳالهه تي زور ڏيندي چيو ويو آهي ته عام اڻ پڙهه ماڻهو به باقاعدا ورزش، تماڪ واپرائڻ کان پاسو ۽ خوراڪ تي ڌيان ڏيندي ڄاڻايل بيمارين کان بچي سگهن ٿا.  جيڪڏهن ان تي عمل ڪيو وڃي ته 80 سيڪڙو تائين انهن بيمارين کان بچي سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.