بجلي جي جهٽڪن سان ڪراڙي ماڻهن جي يادداشت بهتر ٿيندي

بوسٽن (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن 60 سالن جي بزرگن جي دماغ ۾ بجلي جون هلڪيون لهرون ڊوڙايون وڃن ته ان سان يادداشت بهتر ٿيندي آهي پر ڪجهه ماڻهن جي يادداشت وقتي طور تي ايتري بهتر ٿي ويندي آهي جيئن اهي 20 سالن جي عمر ۾ هوندا هئا. سائنسي رسالي نيچر جي رپورٽ موجب اهو تجربو بوسٽن جي پروفيسر رابرٽ رين هارٽ ۽ سندس ساٿين انجام ڏنو. گڏيل طور تي تجربي ۾ 42 ماڻهن جي عمر 20 کان 30 سال ۽ ٻين 42 ماڻهن جي عمر 60 کان 76 سال هئي. رابرٽ موجب اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن وڏي عمر وارا ماڻهو يا ڊيمنيشيا ۽ الزائيمر جا مريض اسپتالن ۾ اچي دماغ ۾ بجلي جي جهٽڪن سان پنهنجي يادداشت وڌائيندا. پروفيسر رابرٽ ٻڌايو ته ان علاج جو مقصد ماڻهن ۾ عملي حافظي کي درست ڪرڻ آهي جيڪو ڪجهه سيڪنڊن تائين برقرار رهي ڪنهن ڪم لاءِ مددگار هوندو آهي، مثال طور تي دماغ ۾ حساب ڪتاب لڳائڻ يا ڪنهن ڀڳل شيءِ کي ڳنڍڻ وغيره، ان ڪيفيت کي دماغي ورڪ بينچ به چيو ويندو آهي جيڪو وقت تي دوا کائڻ، سودو سامان وٺڻ ۽ منصوبابندي ۾ ضروري هوندي آهي. توهان جو شعور به دماغ ۾ انهي هنڌ هوندو آهي جتي عملي ڄاڻ موجود هوندي آهي پر عملي يادداشت کي بجلي جي لهرن سان بهتر بنائڻ جو اهو پهريون تجربو ناهي ۽ ان کان اڳ به گھڻو ڪم ٿي چڪو آهي. بوسٽن يونيورسٽي جي ماهرن جو طريقو اهڙن پوڙهن ماڻهن لاءِ ڪم جو آهي جن ۾ ويسر گھڻي هوندي آهي ڇو ته هڪ ڀيرو بجلي ڏيڻ جو عمل هڪ ڪلاڪ تائين يادداشت کي تيز رکندو آهي. جان هاپڪنز يونيورسٽي ۾ نيورولوجي جي پروفيسر بيري گورڊن ان ٽيڪنالوجي کي نهايت عمده قرار ڏنو آهي پر هن ان تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ تي زور ڏنو آهي. بوسٽن يونيورسٽي جي ماهرن تجربن لاءِ ماهرن جي کوپڙي تي هڪ سوڙهي ٽوپي پهرائي جنهن تي دماغي لهرن کي نوٽ ڪندڙ اليڪٽروڊ لڳل هئا. جڏهن کوپري ۾ ڪرنٽ ڏنو ويو ته رضاڪارن جي خارش محسوس ٿي. اهو عمل 30 سيڪنڊن تائين جاري رهيو ۽ ان جا فائدا ڏٺا ويا. ماهرن جو خيال آهي ته دماغ ۾ هلڪي بجلي ڊوڙائڻ سان پري فرنٽل ڪارٽيڪس ۽ ٽيمپرل ڪارٽيڪس وچ ۾ رابطي کي بهتر بڻائي سگھجي ٿو جنهن جو عملي مظاهرو سامهون آيو آهي. بجلي ڏيڻ کان پوءِ پوڙهن ماڻهن کي ڪنهن قسم جي يادداشتي ٽيسٽ مان گذاريو ويو جن ۾ هنن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.