اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي سڌ سماءُ واري وزارت سعودي عرب ۾ مڪي گڏيل دفاعي معاهدي تحت 40 هزار پاڪستاني فوجين جي مقرري بابت برطانوي خابرو اداري روئٽرز جي رپورٽ کي افواهه قرار ڏئي ڇڏيو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي ”سڌ سماءُ واري وزارت جي فئڪٽ چيڪر“ نالي اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته معاهدي جا آپريشنل تفصيل ڳجها آهن ۽ انهن کي ميڊيا ۾ اڳڪٿين جو موضوع نه بڻايو وڃي.
بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان حرمين شريفين ۽ سعودي عرب جي سلامتي لاءِ پنهنجي عزم جو اڳ ئي واضح اظهار ڪري چڪو آهي ۽ ان معاملي تي پاڪستان جو موقف چٽو آهي.
روئٽرز جي رپورٽ، جنهن جو حوالو سڌ سماءُ واري وزارت پنهنجي فئڪٽ چيڪ ۾ ڏنو، ۾ هڪ پاڪستاني عهديدار جي حوالي سان چيو ويو هو ته اهي فوجي دستا گذريل سال کان مختلف مرحلن ۾ سعودي عرب پهچندا رهيا، جڏهن ته تازي ڇڪتاڻ کانپوءِ به وڌيڪ مقرري ڪئي وئي.
سڌ سماءُ واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اهڙين رپورٽن کان پاسو ڪيو وڃي، جيڪي اڻڄاتل ۽ غيرمنسوب ذريعن تي ٻڌل هجن.
وزارت موجب، جيڪڏهن ڪو سوال هجي ته لاڳاپيل اختيارين سان رابطو ڪيو وڃي ۽ غيرتصديقي انگ اکر ۽ تفصيل شايع نه ڪيا وڃن.
واضح رهي ته سڌ سماءُ واري وزارت جو اهو ردعمل روئٽرز جي 3 آڪٽوبر واري رپورٽ کانپوءِ سامهون آيو آهي، جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي ته پاڪستان سعودي عرب جي سرحدن جي دفاع ۽ ڊرون توڙي ميزائل حملن جي روڪٿام ۾ مدد لاءِ 30 هزار کان 40 هزار فوجي سعودي عرب ۾ مقرر ڪيا آهن.