خيبرپختونخوا جي سيڪيورٽي صورتحال تي اهم بريفنگ، عاصم منير جون فارميشنز کي سخت هدايتون

پشاور (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته هٿياربند فوجون دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پشاور ڪور هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي کيس خيبرپختونخوا جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال ۽ جاري دهشتگردي خلاف ڪارروائين بابت بريفنگ ڏني وئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل کي سرحدي انتظامن ۽ صوبي ۾ مقرر فارميشنز جي آپريشنل تيارين بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي هن فارميشنز کي هر وقت چوڪس رهڻ ۽ آپريشنل تيارين جو اعليٰ ترين معيار برقرار رکڻ جي هدايت ڪئي.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وڌيڪ چيو ته مسلح فوجون دهشتگردي کي شڪست ڏيڻ ۽ ملڪ ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام يقيني بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.

You might also like