مون صوفي امداد سومرو جو يونيورسٽي جي دور جي يادن جي سھيڙ جو ڪتاب ھاسٽل کان ڪئمپس تائين پڙھي پورو ڪيو آھي. ڪتاب پڙھي مون کي ھي جملو ذھن تي تري آيو ته لڳل آ لوڻ لفظن کي. مارڪ ٽوين جا لفظ ياد اچي ويا ته سٺيون يادون انسان جي زندگي جو اھو باغ ھونديون آھن جنھن جا گل ڪڏھن به ناھن مرجھائجندا. اھڙي ئي سرھاڻ مون صوفي امداد سومرو جي ھن ڪتاب منجھان محسوس ڪئي. جيئن خوشبوئون پنھنجي پنھنجي سڳنڌ سان سڃاتيون وڃن ٿيون. تيئن ئي يادن جي سرھاڻ به ڪيئي قسمن جي ٿئي ٿي. پر مسرت لمحن جي خوشبو. غمگين پلن جي خوشبو. حسرتن جو ھڳاءَ. نادانين جي سرھاڻ. ايئن ئي پڇتاءَ. ناڪامين ڪاميابين. شرارتن. اوڇنگارن. ٽھڪن ۽ خاموش لمحن جي يادن جون به الڳ الڳ خوشبوئون ٿين ٿيون جن کي ھڪ ھنڌ سھيڙي ماڻھو ماضيء جي يادگيرين جي ھڪ پينٽنگ تيار ڪري ٿو جنھن ۾ اھي ذڪر ڪيل سمورا رنگ چٽي ٿو. صوفي امداد به رنگن جي نه پر لفظن جي پينٽنگ ٺاھي اسان کي پڙھڻ لاءِ ڏيڻ سان گڏ پنھنجي باقي زڻدگي لاءِ به ماضي جا ورق ورائي ڪڏھن مرڪ چپن تي آڻڻ ته ڪڏھن اکيون آليون ڪرڻ جو سامان ھٿيڪو ڪيو آھي .
صوفي امداد سومرو يونيورسٽيءَ جون يادگيريون نھايت سادي ۽ سھڻي اسلوب سان سھيڙيون آھن. پنھنجي بيچ جي دوستن سان رابطا ڪري ماضيءَ جي ڪک مان ڪتڪتاين جھڙا واقعا گڏ ڪري ۽ سندن يادن جي ياقوتن کي محبت سان ميڙيو آھي. ان زماني جي شرارتن شوخين نادانين ۽ ڏکيائين کي ياد ڪرڻ به ھڪ رومانس آھي.
جيتوڻيڪ يادگيرين جو پنھنجو ھڪ رومانس ھجي ٿو. پر محبت جي ساروڻين جي سرھاڻ ئي الڳ ھجي ٿي. صوفي امداد ڪتاب اندر مختلف عنوان ڏئي ننڍڙن ننڍڙن ٽڪرن ۾ يادگيرين کي دلچسپ ء وڻندڙ انداز ۾ بيان ڪيو آھي. ۽ اڄ تائين خاص ڪري سنڌ يونيورسٽيء جي پسمنظر ۾ جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آھن انھن ۾ عشق محبت کي مرڪزي نقطي طور شامل ڪيو ويو آھي پر ھن ڪتاب ۾ ليکڪ رومانيت کي ھروڀرو ڀرڻ بدران حقيقت پسندي کان ڪم ورتو آھي. جيڪا ڳالهه پڻ متاثر ڪندڙ آھي ته ھن پاڻ کي ھيرو ڪري پيش ڪرڻ بدران جيڪي جيئن وھيو واپريو تيئن لکيو آھي جيڪو ھڪ ھمٿ وارو ڪم آھي.
بنارس جي باري ۾ مون ڪٿي پڙھيو ھو ته بنارس جي انفراديت اھا آھي ته بنارس شھر پھرين ته توھان کي پاڻ وٽ اچڻ ڪونه ڏيندو آھي. پر جيڪڏھن توھان ان ۾ وڃي رھڻ لڳا ته پوءِ بنارس جي مرضي آھي ته ھو توھان جي وجود سان ول جيان وڪوڙجي وڃي ٿو يا جلد توھان کي تڙي ڪڍي ٿو. مرزاغالب به جڏھن بڻارس وڃي رھيو ته بنارس کيس ڪجھ مھينا پاڻ وٽ مھمان رکيو ھو. بنارس جو سحر اھو اھي ته توھان جيڪڏھن بنارس جون عبادتگاھون ڏسي موٽيا ته توھان ڪجهه نه ڏٺو پر جيڪڏھن توھان بنارس م رقص ۽ سرور جون محفلون لٽي موٽيا ته به جھڙوڪ توھان گسي پيا. بنارس جو اصل حسن اھو آھي ته توھان رقص و سرور جي محفلن جي ڳلين مان گذرندي اھي الاپ اھي ادائون اکين ۾ اوتيندي عبادتگاھن جي رمز به ماڻيو ته توھان بنارس کي صحيح ۾ ڏسي پسي ورتو. تيئن ئي اسان جي يونيورسٽي به اھي جتي جيڪڏھن سالن جا سال رھي توھان ڊگري وٺي واپس ايا ته به جھڙوڪ توھان وقت وڃائي واپس ٿا. پر جيڪڏھن اتي رڳو ڪي دل لڳيون ڪو عشق ڪري واپس وريا ته به توھان ڪجھ حاصل ڪونه ڪيو. اصل حق ادائي ته اھا آھي ته توھان عشق جو سيڪ وٺندي پچندي پڄرندي پڙھي پرائي موٽي اچي تڏھن سمجھو توھان يونيورسٽي ۾ گذاريل وقت جو حق ادا ڪيو.