ڪراچي(لياقت راڄپر) اطلاع آهن ته سنڌ ۾ هاڻي گرم هوا هلڻ واري آهي. گرم هوا اهڙي هلندي جو سڀني کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، هيءَ هوا اهڙي ناهي جو هاڻي ڊيل جو رستو وٺندي، يا اهڙي هوا ناهي جو هڪ ماڻهو گرفت ۾ آيو ۽ ڊيل ڪري ٻاهر نڪري آيو. پر هاڻي سلسلو ڪافي مختلف هوندوذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ لسٽون ٺاهڻ جو ڪم آخري مرحلي ۾ پهچي چڪو آهي. لسٽون ضلعي وار ٺاهيون پيون وڃن. ان ۾ ڪامورا به شامل آهن، ان ۾ مختلف اهم عهدن تي فائز رهندڙ آفيسر به شامل آهن، انهن ۾ سياستدان به شامل آهن ۽ اهي ماڻهو به شامل آهن جن جو ڪنهن نہ ڪنهن طرح قومي خزاني کي لٽڻ ۾ اهم ڪردار رهيو آهي.ضلعي وار جيڪي لسٽون ٺهي چڪيون آهن ۽ آخري مرحلي ۾ آهن، ان کان پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته سلسلو ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي. هي سلسلو ڪراچي کان وٺي ڪشمور، ڪشمور کان وٺي گھوٽڪي، گھوٽڪي کان وٺي ڪنڌڪوٽ، ڪنڌڪوٽ کان وٺي قمبر شهدادڪوٽ ۽ دادو، ڄامشورو سميت ڪيترن ئي ضلعن تائين پکڙيل آهي جن جون فھرستون تيار ٿي چڪيون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيترن ئي آفيسرن هڪ سال جي ائڪس پاڪستان (ملڪ کان ٻاهر وڃڻ جي) موڪل وٺي ڇڏي آهي، ڪو عمري تي ته ڪو ٻين ملڪن ڏانهن وڃڻ جي تياري ڪري چڪو آهي. ڪيترن ئي کاتن ۾ موڪلن لاءِ ڊگهيون فهرستون موڪليون ويون آهن. ڪافي آفيسر ته ملڪ ڇڏي وڃي به چڪا آهن جن کي هاڻي نوڪري ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي. اهي نوڪري ڪري ڇا ڪندا جڏهن ته انهن ايترو ڪجهه ڪمائي ورتو آهي! اهي 2018ع جي سسٽم ۾ به موجود هئا ۽ 2024ع جي سسٽم ۾ به موجود آهن