سنڌ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مختلف علائقن ۾ 14 کان 16 سيپٽمبر تائين گجگوڙ، تيز هوائن ۽ وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، اتر اولهه نار بنگال ۽ اوڊيشا جي سامونڊي علائقن ۾ گهٽ دٻاءَ واري هوا جو سسٽم موجود آهي، جيڪو هن وقت ڇتيس ڳڙهه ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن مٿان موجود آهي ۽ ان نظام جي اولهه طرف وڌڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سڀاڻي شام کان 16 سيپٽمبر تائين ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ميرپورخاص، بدين، ٺٽو، سجاول ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ وقفي وقفي سان تيز هوائن، انڌاري ۽ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 14 کان 16 سيپٽمبر تائين سانگهڙ، خيرپور، حيدرآباد، ٽنڊوالهيار، مٽياري، شهيد بينظيرآباد ۽ ڄامشورو ۾ به انڌاري سان گڏ مِينهُن وسي سگهي ٿو.
موسميات کاتي ڪراچي لاءِ به برسات جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ 14 کان 16 سيپٽمبر تائين گجگوڙ سان گڏ هلڪي برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته اڄ ۽ سڀاڻي موسم گرم ۽ گهميل رهڻ جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، ان دوران ڪراچي ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 36 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

You might also like