عمران بابت فيصلو خوش آئند آهي، نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ ماحول سازگار ناهي

اسلام آباد(بيورو) جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي اسپتال منتقل ڪرڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪيو آهي.پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته پي ٽي آءِ جي باني بابت فيصلو آيو آهي، اهو فيصلو گهڻو اڳ اچڻ گهرجي ها.هن چيو ته احتجاج جاري رکڻو آهي يا ختم ڪرڻو آهي، اهو فيصلو پي ٽي آءِ جو پنهنجو آهي.مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته جيڪڏهن وسيلا نه هجن ۽ کيسي ۾ پئسا نه هجن ته گهر نٿو ٺاهي سگهجي. اسان اصولي طور تي انتظامي يونٽن ۽ صوبن جي خلاف نه آهيون، اسان فاٽا، هزارا ۽ ٻين صوبن جي قيام جي حمايت ڪئي آهي.هن چيو ته اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ لاءِ صوبن جو معاملو اڇلايو ويو آهي. هن وقت نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ نه ماحول آهي ۽ نه ئي وقت. ملڪ ۾ باهه لڳل هجي ۽ ڀائر ان ڳالهه ۾ لڳا هجن ته گهر کي ڪيئن ورهائڻو آهي. هن مخالف ڌر جي اڳواڻ کي تجويز ڏني ته ملڪي معاملن تي آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي وڃي، مولانا فضل الرحمان چيو ته هو اڳ سرائيڪي صوبي جي حمايت ڪري چڪا آهن، ان وقت اسٽيبلشمينٽ به صوبن جي مخالف هئي، اڄ وري ڪهڙي وحي نازل ٿي آهي جو صوبن تي ڳالهه شروع ٿي وئي آهي؟ حڪمران ٻاهر ڳاڙهي قالين جو مزو وٺڻ بدران پهريان پنهنجو گهر درست ڪن.هن چيو ته بنون ۽ ٽانڪ ۾ پوليس جي رِٽ ختم ٿي چڪي آهي، پوليس اهلڪار اغوا ٿيا آهن ۽ حالتون ڳڻتي جوڳيون آهن. پارليامينٽ پوري قوم جي نمائندگي ڪري ٿي، تنهنڪري قوم جي آواز ٻڌڻ گهرجي. جيڪڏهن وزيراعظم پارلياماني اڳواڻن سان ڳالهائي سگهي ٿو ته پارليامينٽ کي بريفنگ ڇو نٿي ڏئي سگهجي؟ حڪومت طرفان لشڪر ٺاهڻ جي ڪا تجويز نه اچڻ گهرجي، اسان جي سوالن کي سنجيدگي سان ورتو وڃي.

You might also like