حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد لطيف آباد جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد يونٽ نمبر 6 واري علائقي ۾ ڪجھه جوابدارن ھڪ عورت ثمينا زال سجاد لغاري کي گھٽي ۾ بدترين تشدد جو نشانو بڻايو، واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ ايس ايس پي حيدرآباد شاھزيب چاچڙ نوٽيس ورتو، اي سيڪشن پوليس فوري طور تي زخمي متاثر عورت ثمينا لغاري کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ورتي، پوليس موجب متاثر عورت ثمينا ۽ جوابدار فيصل کوکر جي وچ ۾ ڪجهھ ڏينهن کان اختلاف ھلندڙ ھئا جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ جهيڙو پيش ٿيو، فيصل کوکر، اليڪس شون ۽ نويد چارج سوڌو ٻين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.