گال ٽيسٽ:ديو دت پاڊيڪل جي سينچري، ڀارت جون پهرئين ڏينهن 2 وڪيٽن تي 288 رنسون

گال (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا خلاف پهرين ٽيسٽ جي پهرئين ڏينهن ڀارت 2 وڪيٽن جي نقصان تي 288 رنسون ٺاهي ورتيون آهن.
گال ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.
ديو دت پاڊيڪل شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي پهرين ٽيسٽ سينچري اسڪور ڪئي.
اوپنر يشسوي جئسوال 32 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ڪي ايل راهول 77 رنسن جي اننگز کيڏڻ کانپوءِ رٽائرڊ هرٽ ٿي ويو.
ديو دت پاڊيڪل 178 بالن تي ناقابل شڪست 131 رنسون ٺاهيون آهن، سندس اننگز ۾ 12 چوڪا ۽ هڪ ڇڪو شامل آهي، ساڻس گڏ رشڀ پنت 27 رنسن سان ڪريز تي موجود آهي.
ڪپتان شُبمَن گِل 16 رنسون ٺاهي پراڀات جئسوريا جي ڏينهن جي واحد وڪيٽ بڻيو، پهرئين ڏينهن جي راند خراب روشني سبب وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي.

 

You might also like