محسن نقوي جو ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ وڏي سرپرائز جو اعلان

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي چيئرمين محسن نقوي ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ جشن آزادي جي موقعي تي سرپرائز جو اعلان ڪري ڇڏيو.
محسن نقوي چيو ته نيشنل چيمپئن شپ ڪپ جو ايڪشن سڌو سنئون جاري آهي، جڏهن ته شوقينن جا ڪيترائي پسنديدا اسٽارز ميدان ۾ ايڪشن ۾ نظر ايندا.
هن چيو ته شاداب خان، صاحبزادا فرحان ۽ فخر زمان سميت ڪيترائي رانديگر ايڪشن ۾ آهن، پنهنجي دوستن ۽ ڪٽنب سان گڏ اسٽيڊيم اچي ميچن مان لطف اندوز ٿيو.
محسن نقوي خوشخبري ٻڌائيندي چيو ته ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شوقينن لاءِ مفت داخلا 3 وڳي کان هوندي، جڏهن ته اڄ رات 10 وڳي جشن آزادي جي موقعي تي شوقينن لاءِ هڪ خاص سرپرائز پڻ هوندو.

 

You might also like