نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي سربراهه اڀيجيت ديپڪي ڀارتي حڪومت طرفان کيس قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏيڻ تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي اڀيجيت ديپڪي چيو ته هو محب وطن آهي، پر ڀارتي حڪومت جيڪا حب الوطني چاهي ٿي، هو ان انداز سان حب الوطني نٿو ڪري.
هن چيو ته ڀارت ۾ نظام خلاف آواز اٿارڻ ۽ ڪاڪروچ جنتا پارٽي قائم ڪرڻ سبب کيس قومي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو، جنهن تي کيس سخت تڪليف پهتي.
اڀيجيت ديپڪي موجب، هو آمريڪا ۾ ڀارتي شاگرد طور ڀارتي پاسپورٽ تي رهندو هو.
هن چيو ته هن آمريڪا مان ڀارت واپس وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن ثابت ڪري سگهي ته هو محب وطن آهي.