مري (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ پهريون ڀيرو جيڪو ماحول پيدا ٿيو آهي، اهو سڀني لاءِ پريشاني جو سبب آهي، اهو ان ڪري ٿيو جو اڳوڻين حڪومتن پنهنجو فرض ادا نه ڪيو.
مري ۾ مسلم ليگ ن آزاد ڪشمير جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته هاڻي عوام جي اعتماد کي ڇيهو رسائڻ جي گنجائش ناهي، جيڪڏهن آزاد ڪشمير ۾ عوام کي نتيجا نه ڏنا ته ماڻهو ڪاوڙجي ويندا.
هن چيو ته ماضي ۾ آزاد ڪشمير جي حڪومت عوامي اميدن تي پوري نه لهي سگهي، آزاد ڪشمير جي عوام جي ڀلائي پهرين ترجيح آهي، جڏهن ته آزاد ڪشمير جا ماڻهو پنجاب ڏانهن واجهائي رهيا آهن.
نواز شريف چيو ته آزاد ڪشمير کي وڌ کان وڌ فنڊز ڏيڻ گهرجن ۽ هو ڪوشش ڪندو ته جيڪي واعدا ڪيا ويا آهن، انهن کي پورو ڪيو وڃي.
هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ روڊ ۽ اسپتال ٺهڻ گهرجن، ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ گهرجي، جڏهن ته آزاد ڪشمير جي شاگردن کي ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپس ڏنيون وڃن ۽ هاري ڪارڊ پڻ جاري ڪيو وڃي.
ن ليگ جي صدر چيو ته آزاد ڪشمير جو چونڊون کٽيندڙن کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، جڏهن ته جيڪي چونڊون نه کٽي سگهيا، انهن کي به شاباشي ڏيان ٿو.
هن چيو ته ڪجهه شڪايتون اسان تائين پهتيون، جنهن تي کيس افسوس ٿيو، آزاد ڪشمير ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي ۽ اتي پيپلزپارٽي جو وزيراعظم هو، اميد نه هئي ته پيپلزپارٽي طرفان شڪايت جو ڪو موقعو ملندو.
نواز شريف چيو ته سياسي مخالفت کي دشمني ۾ تبديل نه ڪرڻ گهرجي، آزاد ڪشمير جو ماحول هميشه سٺو رهيو آهي، ان ۾ اهڙا ”جيوڙا“ داخل ٿيڻ چڱي ڳالهه ناهي.
هن چيو ته کيس پنهنجن ڪجهه ساٿين جي شڪست تي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، انهن عنصرن جو جائزو وٺڻ گهرجي، جن سبب اهي هارائي ويا.
نواز شريف موجب، آزاد ڪشمير جي چونڊن جي شروعاتي ٻن مرحلن ۾ ن ليگ کي اڪثريت ملي چڪي آهي ۽ امير مقام اهڙي طرح چونڊ مهم هلائي رهيو هو، ڄڻ اها سندس پنهنجي چونڊ هجي، اسان کي حوصلو نه هارڻ گهرجي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪ اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ تمام جلد مسئلن تي ضابطو آڻي وٺنداسين، جڏهن ته منشور تي 100 سيڪڙو عمل ڪرڻو آهي.
هن چيو ته آزاد ڪشمير هڪ جابلو علائقو آهي، جتي هيلي ڪاپٽر هئڻ ضروري آهي، شهباز شريف آزاد ڪشمير حڪومت کي هيلي ڪاپٽر فراهم ڪري.
نواز شريف چيو ته جڏهن هو وزيراعظم هو ته ڊالر 100 رپين جو هو، ان کانپوءِ ڊالر ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويو.
هن چيو ته هڪ حڪومت جيڪي نعرا هنيا هئا، اهي سڀ بيڪار ثابت ٿيا ۽ ڪنهن به نعري تي عمل نه ٿيو. مان تنقيد ۾ وڃڻ نٿو چاهيان، پر نعرا هڻندڙ حڪومت دوران پاڪستان جي جيڪا حالت ٿي، اهڙي حالت پاڪستان جي ڪڏهن نه ڏٺي.
نواز شريف چيو ته شهباز شريف هن وقت سمورا معاملا درست ڪري رهيو آهي، جڏهن هن حڪومت سنڀالي ته حالتون تمام خراب هيون، پر هاڻي حالتون ڏينهون ڏينهن بهتر ٿي رهيون آهن.
هن چيو ته ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو وڃي، آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو حاصل ٿئي ۽ پاڪستان معاشي طور خودمختيار ملڪ بڻجي.
آزاد ڪشمير ۾ ڪجهه ساٿين جي شڪست تي ڏُکارو آهيان، پيپلز پارٽيءَ مان شڪايت جي اميد نه هئي: نواز شريف
Next Post