پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا حڪومت وفاق جي هدايت تي وفاقي مالي منتقلي مان 6.4 ارب رپين جي ڪٽوتي کان انڪار ڪري ڇڏيو.
وڏي وزير سهيل آفريدي موجب، وفاق بجيٽ کان اڳ خيبرپختونخوا کان واڌو رقم جو مطالبو ڪيو هو، جڏهن ته ايف بي آر جو 15 هزار 260 ارب رپين جو هدف حاصل ٿيڻ تي خيبرپختونخوا جو حصو 175 ارب رپيا بڻجندو هو.
هن چيو ته واڌو رقم جي فراهمي کي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ۽ سندس اجازت سان مشروط ڪيو ويو هو، جڏهن ته ضم ٿيل ضلعن کي 11هين قومي مالياتي ڪميشن ۾ جائز حصو ڏيڻ پڻ شرط هو.
سهيل آفريدي موجب، وفاق ضم ٿيل ضلعن کي حصو ڏيڻ جو شرط قبول ڪيو ۽ ان کي اين ايف سي جي ڪارروائي جو حصو بڻايو، جڏهن ته 6 مهينن اندر حصو نه ملڻ تي 7هين اين ايف سي تحت سمري ۽ آرڊيننس جو فيصلو ڪيو ويو هو.
وڏي وزير جو چوڻ آهي ته عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ سبب واڌو رقم بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون نه ڪيون ويون ۽ مالي سال 2026-27 جي صوبائي بجيٽ ۾ وفاقي گرانٽ جي واڌو رقم پڻ شامل نه ڪئي وئي.
سهيل آفريدي موجب، 5 آگسٽ تي ناڻي واري وزارت خيبرپختونخوا کي 6.4 ارب رپين جي رهتن مان سڌي ڪٽوتي جي تجويز ڏني، جنهن کي صوبائي حڪومت نه منظور ڪيو ۽ نه ئي ان سان اتفاق ڪيو.
هن چيو ته ناڻي کاتي 13 آگسٽ جي خط ذريعي تجويز ڪيل ڪٽوتي تي عدم رضامندي واضح ڪري ڇڏي آهي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته اهو معاملو رڳو سياسي اختلاف جو ناهي، پر صوبي جي آئيني ۽ مالي حق جو معاملو آهي، آئين جو آرٽيڪل 164 وفاق کي صوبي جي رهتن مان هڪ طرفي ڪٽوتي جو اختيار نٿو ڏئي.
سهيل آفريدي موجب، ڪٽوتي لاءِ واضح آئيني يا قانوني بنياد ۽ صوبائي حڪومت جي رضامندي ضروري آهي.
هن ٻڌايو ته ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم اڪائونٽنٽ جنرل خيبرپختونخوا جي لاڳاپيل آفيسرن سان فوري ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ صوبي جي رضامندي کانسواءِ ڪٽوتي نه ڪرڻ جون لکت ۾ هدايتون جاري ڪيون ويون.
سهيل آفريدي چيو ته اڪائونٽنٽ جنرل پاڪستان ريونيو کي پڻ صوبائي حڪومت جي واضح رضامندي کانسواءِ ڪو به ٽرانزيڪشن درج يا لاڳو نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
وڏي وزير موجب، قومي مالياتي ڪميشن جي آئيني حق جي حصول لاءِ وفاقي آئيني عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي ۽ خيبرپختونخوا حڪومت اين ايف سي جي حقن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪندي.
هن چيو ته وفاق کي غير منظور ٿيل مفاهمتي يادداشت جي بنياد تي هڪ طرفي طور رقم منفي ڪرڻ جو اختيار ناهي، صوبائي حڪومت آئيني حقن جي تحفظ لاءِ هر قانوني ۽ آئيني رستو اختيار ڪندي ۽ پنهنجي مالي حصي جي هڪ هڪ رپئي جو دفاع ڪندي.
خيبرپختونخوا حڪومت جو وفاق کي 6.4 ارب رپيا ڏيڻ کان انڪار، اين ايف سي حقن تي ڪو سمجهوتو نه ڪنداسين: سهيل آفريدي
You might also like