مير رضا جي قتل خلاف ڪراچي ۾ وڏو احتجاج، جاچ ٽيم ۾ وڌيڪ 2 آفيسر شامل

ڪراچي (رپورٽر) مير رضا ڪيس جي جاچ ٽيم ۾ وڌيڪ 2 آفيسر شامل، انگ 9 ٿي ويو، ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا ڪيس جي جاچ ٽيم ۾ وڌيڪ 2 آفيسرن کي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ جاچ ٽيم جي ميمبرن جو انگ 9 ٿي ويو، ڊي ايس پي حنيف خان ۽ انسپيڪٽر غلام نبي آفريدي جاچ ٽيم ۾ شامل هئا، ذريعن موجب ڊي ايس پي حنيف خان ۽ انسپيڪٽر غلام نبي آفريدي کي جاچ ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو، انسپيڪٽر غلام نبي آفريدي کي نئين جاچ ٽيم پاڻمرادو شامل ڪيو، جڏهن ته ڊي ايس پي حنيف خان کي مير رضا جي وارثن ۽ وڪيل جي سفارش تي ٽيم جو حصو بڻايو ويو، ڊي ايس پي حنيف خان کي جيو فينسنگ جو ماهر سمجهيو وڃي ٿو. ٻنهي آفيسرن جي شموليت کانپوءِ مير رضا ڪيس جي جاچ ٽيم جي ميمبرن جو انگ 9 ٿي ويو، ٻئي پاسي  شاهراهه فيصل وٽ وڏي انگ ۾ نوجوانن ۽ ڇوڪرين گڏ ٿي احتجاجي ڌرڻو هنيو، انصاف ڏيو جا نعرا هنيا ويا، ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ شاگرد ۽ تحريڪ انصاف سان لاڳاپايل نوجوان، ڇوڪريون ۽ ڪارڪن به شريڪ ٿيا، ان موقعي تي فوزيه صديقي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪراچي واسيو! اوهان سڀني جي ذميواري آهي ته هن ڪيس کي هڪ مثال بڻايو ۽ پاڻ به ان جدوجهد ۾ شامل ٿيو، ياد رکو، سڀاڻي اهو واقعو اوهان سان يا اوهان جي ٻارن سان به پيش اچي سگهي ٿو، جيڪڏهن اڄ اسان هڪ ٻئي لاءِ آواز نه اٿارينداسين ته سڀاڻي اسان لاءِ آواز اٿارڻ وارو ڪو به نه هوندو.

You might also like