مڪه دفاعي معاهدو: علائقائي امن ڏانهن اهم قدم

عبدالمجيد نائچ

مڪه مڪرمه ۾ 7 آگسٽ تي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيءَ وچ ۾ ٿيل گڏيل دفاعي معاهدو رڳو ٽن ملڪن جي فوجي سهڪار تائين محدود نٿو رهي، پر ان کي بدلجندڙ عالمي ۽ علائقائي حالتن ۾ هڪ اهم اسٽريٽجڪ اڳڀرائي طور ڏسڻ گهرجي. هن معاهدي جي اصل اهميت ان ڳالهه ۾ آهي ته ٽنهي ملڪن پنهنجي سلامتي کي هڪ ٻئي سان ڳنڍيندي گڏيل دفاع جو اهڙو تصور سامهون آندو آهي، جيڪو ممڪن جارحيت کي روڪڻ ۾ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. معاهدي جو بنيادي تصور اهو آهي ته جيڪڏهن ٽنهي مان ڪنهن هڪ ملڪ تي هٿياربند حملو ٿئي ٿو ته ان کي ٽنهي ملڪن خلاف جارحيت سمجهيو ويندو. پاڪستاني اختيارين پڻ واضح ڪيو آهي ته هي انتظام ڪنهن مخصوص رياست کي نشانو بڻائڻ لاءِ نه، پر دفاعي مقصدن لاءِ آهي ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۾ موجود دفاع جي حق سان مطابقت رکي ٿو. دفاعي اتحاد جو مقصد لازمي طور جنگ ڪرڻ نه هوندو آهي؛ ان جو سڀ کان وڏو فائدو جنگ کي روڪڻ هوندو آهي. جڏهن ڪنهن امڪاني مخالف کي اها خبر هجي ته هڪ ملڪ خلاف قدم کڻڻ سان ٽنهي ملڪن کي هڪ ئي وقت متحرڪ ٿيڻ جو امڪان آهي ته جارحيت جو فيصلو ڪرڻ اڳ جي ڀيٽ ۾ گهڻو ڏکيو ٿي وڃي ٿو. اهڙي صورتحال ئي حقيقي دفاعي روڪٿام يا deterrence پيدا ڪري ٿي.

پاڪستان وٽ تربيت يافته ۽ جنگي تجربو رکندڙ هٿياربند فوج، دفاعي پيداوار جو بنياد ۽ ڊگهو فوجي تجربو موجود آهي. ترڪي جديد دفاعي ٽيڪنالاجي، ڊرونز، هوائي ۽ بحري نظام سان گڏ مضبوط دفاعي صنعت رکي ٿو، جڏهن ته سعودي عرب وٽ وڏي معاشي سگهه، توانائي جا وسيلا، اهم جاگرافيائي حيثيت ۽ خليجي خطي ۾ غير معمولي اسٽريٽجڪ اهميت آهي. ٽنهي ملڪن جون اهي مختلف صلاحيتون گڏ ٿي هڪ اهڙي گڏيل قوت پيدا ڪري سگهن ٿيون، جيڪا هر ملڪ جي انفرادي صلاحيت کان وڌيڪ اثرائتي ثابت ٿي سگهي ٿي. هن سهڪار جو هڪ اهم نتيجو دفاعي صنعت ۾ نون موقعن جي پيدا ٿيڻ جي صورت ۾ سامهون اچي سگهي ٿو. پاڪستان ۽ ترڪي اڳ ئي دفاعي تحقيق، گڏيل پيداوار، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ فوجي صنعت جي مختلف شعبن ۾ تعاون ڪري رهيا آهن. جيڪڏهن سعودي عرب به ان عمل ۾ وڌيڪ منظم انداز سان شامل ٿئي ۽ ٽئي ملڪ ڊرونز، سائبر سيڪيورٽي، اليڪٽرانڪ جنگ، هوائي دفاع، مواصلاتي نظام ۽ بحري نگراني جهڙن شعبن ۾ گڏيل منصوبا شروع ڪن، ته پاڪستان لاءِ دفاعي صنعت رڳو ملڪي ضرورتن تائين محدود رهڻ بدران علائقائي برآمدي صنعت جو دروازو به کولي سگهي ٿي. اهڙي تعاون سان پاڪستان پنهنجي دفاعي پيداوار کي هڪ وڏي علائقائي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ جي پوزيشن حاصل ڪري سگهي ٿو. ان سان مقامي صنعت کي نيون منڊيون، ٽيڪنالاجي، سيڙپڪاري ۽ روزگار جا موقعا پڻ ملي سگهن ٿا.

معاهدي جو ٻيو اهم پاسو ٽنهي ملڪن جي فوجن وچ ۾ بهتر هم آهنگي پيدا ڪرڻ آهي. جديد جنگ ۾ صرف جديد هٿيار هجڻ ڪافي ناهن؛ ڪاميابي ان وقت ممڪن ٿيندي آهي جڏهن مختلف فوجي ادارا هڪ ٻئي سان تيز ۽ مؤثر انداز ۾ رابطو ڪري سگهن. گڏيل فوجي مشقون، انٽيليجنس جي ڏي وٺ، ڪمانڊ ۽ ڪنٽرول نظام، فضائي دفاع ۾ تعاون، سامونڊي نگراني ۽ دهشتگردي خلاف گڏيل آپريشن ٽنهي ملڪن جي تياري ۽ صلاحيت ۾ اضافو ڪري سگهن ٿا. پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپا اڳ ئي عملي نوعيت رکن ٿا. تازو ئي پاڪستاني فضائيه جا جنگي ۽ معاون جهاز پڻ معاهدي تحت سعودي عرب پهتا هئا. ان ڪري مڪه وارو نئون معاهدو ڪنهن نئين رشتي جي شروعات کان وڌيڪ موجوده دفاعي سهڪار کي ٽن ملڪن جي گڏيل فريم ورڪ ۾ آڻڻ جي ڪوشش آهي.

سعودي عرب لاءِ پڻ هن معاهدي جي اهميت وڏي آهي. رياض اهڙي خطي ۾ واقع آهي، جتي توانائي جا وسيلا، سامونڊي واپاري رستا ۽ دنيا جا اهم مذهبي مرڪز هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن. ڳاڙهي سمنڊ، باب المندب ۽ خليج جي سلامتي جو تعلق رڳو سعودي عرب سان نه، پر عالمي واپار ۽ معيشت سان به آهي. پاڪستان جي جاگرافيائي حيثيت، سامونڊي صلاحيت ۽ انساني وسيلن سان گڏ ترڪيءَ جي صنعتي ۽ ٽيڪنالاجي قوت سعودي عرب جي مجموعي سلامتي واري نظام کي وڌيڪ مضبوط ۽ متنوع بڻائي سگهي ٿي.

ترڪيءَ لاءِ هي تعاون مسلم دنيا جي ٻن اهم علائقن سان عملي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو موقعو آهي. پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ اهم ملڪ آهي، جڏهن ته سعودي عرب خليج ۽ عرب دنيا ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. ان ڪري ٻنهي ملڪن سان ويجهي دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ سهڪار ترڪيءَ جي علائقائي اثر ۽ رابطن کي وڌيڪ وسيع ڪري سگهي ٿو. پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ دفاعي صنعت، فوجي تربيت ۽ اسٽريٽجڪ معاملن ۾ اڳ ئي مضبوط لاڳاپا موجود آهن، جن کي اهڙي ٽه طرفي شراڪت وڌيڪ اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿي.

پاڪستان لاءِ هن معاهدي جو هڪ اهم غير فوجي فائدو سفارتي سطح تي اثر رسوخ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿو. پاڪستان مختلف علائقائي معاملن ۾ ڳالهين ۽ مفاهمت جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. سعودي عرب ۽ ترڪيءَ سان ويجهي اسٽريٽجڪ هم آهنگي پاڪستان جي سفارتي حيثيت کي وڌيڪ مضبوط ڪري سگهي ٿي ۽ کيس علائقائي امن جي معاملن ۾ وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. تنهن هوندي به هن معاهدي بابت جذباتي انداز اختيار ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي. ان کي فوري طور تي ڪنهن وڏي عالمي فوجي اتحاد سان تشبيهه ڏيڻ بدران ان جي حقيقي صلاحيتن، عملي تعاون ۽ مستقبل جي نتيجن کي ڏسڻ گهرجي. ڪنهن به دفاعي معاهدي جي اصل ڪاميابي ان جي اعلان ۾ نه، پر ان تي ٿيندڙ عملي اڳڀرائي ۾ لڪل هوندي آهي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ گڏيل طاقت جو مقصد علائقي ۾ نئين محاذ آرائي پيدا ڪرڻ نه، پر جنگ جا امڪان گهٽائڻ هجڻ گهرجي. جيڪڏهن مڪه مان اهو پيغام مضبوط ٿئي ته پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي پنهنجي قومي سلامتي جي تحفظ لاءِ گڏ بيٺل آهن ۽ ساڳئي وقت خودمختياري، استحڪام، ڳالهين ۽ علائقائي امن کي به اهميت ڏين ٿا ته هن معاهدي جي اهميت ڪيترائي ڀيرا وڌي ويندي.

اڄ دنيا ۾ طاقت جا مرڪز تيزي سان تبديل ٿي رهيا آهن ۽ نوان اسٽريٽجڪ اتحاد جنم وٺي رهيا آهن. اهڙي ماحول ۾ پاڪستان لاءِ بهترين رستو ڪنهن نئين تڪرار جو حصو بڻجڻ نه، پر پنهنجي دفاعي صلاحيت، صنعتي قوت ۽ سفارتي اثر کي امن لاءِ استعمال ڪرڻ آهي. مڪه جو هي معاهدو ڪنهن آخري منزل جو نالو نه، پر هڪ نئين سفر جي شروعات آهي. ان سفر جي حقيقي ڪاميابي تڏهن چئي سگهبي، جڏهن ٽنهي ملڪن جي گڏيل دفاعي طاقت ايتري مضبوط هجي جو دشمن جارحيت کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سوچي، ۽ سفارتي بالغ نظريو ايترو مؤثر هجي جو اختلافن کي جنگ بدران ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جا امڪان وڌندا وڃن. حقيقي ڪاميابي اها ئي هوندي ته گڏيل طاقت جنگ لاءِ نه، امن جي تحفظ لاءِ استعمال ٿئي.

You might also like