ڄامشوري ۾ 1338 ايڪڙ تي بحريا ٽائون جو قبضو ختم،نيب پاران منصوبا فراڊ قرار

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)نيب ڪراچي بحريا ٽائون جي بحريا گرينز ۽ ٻين منصوبن ۾ عوام کي خريداري ۽ سيڙپڪاري کان روڪي ڇڏيو آهي،نيب ڪراچي بحريا ٽائون جي مخصوص منصوبن کي فراڊ قرار ڏئي ڇڏيو،بحريا ٽائون جي جعلسازي ۽ ڄامشوري ۾ سرڪاري ايراضي جي الاٽمينٽ جي ڪيس ۾ نيب قومي اخبارن ۾ اشتهار شايع ڪرائي ڇڏيا آهن،بورڊ آف روينيو جي آفيسرن جي ملي ڀڳت سان 1338 ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي بحريا ٽائون جي نالي منتقل ٿي،نيب ڪراچي جي جاچ ۾ ايراضي کي منجمد ڪري ان جي خريد وڪري ۽ منتقلي ۽ رجسٽري تي پابندي مڙهي وئي آهي،

You might also like