نون صوبن خلاف ٿيندڙ احتجاج ڇو ٿا روڪيو؟

اعجاز ممنائي

گذريل ڏينهن سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سڏ تي "سنڌ منهنجي امان” جي عنوان سان سڄي سنڌ جي سمورين شاخن ۾ پرامن احتجاجي مظاهرا ڪري جاڳرتا ريليون ڪڍيون ويون، پر نصيرآباد جي سيڪريٽري جميل احمد، سکر جي ضلعي رابطه سيڪريٽري ارشاد پيرزادي، وارھ ۾ عرفان منان چانڊيو ۽ ڪامريڊ سرتاج چانڊيو جي گھرن تي ڇاپا هنيا ويا. بدين ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ پوليس پرامن احتجاج ڪرڻ کان روڪيو. لاڙڪاڻي ۾ سنگت جي مرڪزي خزانچي ايڊووڪيٽ ستار هليو کي سندس گهر واريءَ سميت هلندڙ ريليءَ مان گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ويو. ائين سڄي سنڌ ۾ سنگت جي ڪارڪنن کي داٻا ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جون شڪايتون وصول ٿي رهيون آهن. آخر هيءَ ڪهڙي جمهوريت آهي جيڪا پرامن احتجاجن مٿان مارشل لا قائم ڪري ويٺي آهي؟

هن وقت سنڌ ۾ سڀ کان وڏو ۽ گرم مسئلو "نون صوبن” وارو آهي. جڏهن به سنڌ جا اديب، شاعر، استاد، شاگرد ۽ سياسي ڪارڪن هن سازش خلاف احتجاج ڪن ٿا، يا ڌرڻو هڻن ٿا، ته رياستي مشينري فوري طور تي انهن کي روڪڻ لاءِ متحرڪ ٿي وڃي ٿي. سوال اهو آهي ته پرامن احتجاج ڇو روڪيو ٿو وڃي؟ ان بابت تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته نون صوبن جو نعرو سنڌ اندر کان نه پر ڪجهه مخصوص حلقن جي ايجنڊا آهي. جڏهن سنڌي قوم ان جي خلاف متحد ٿي آواز اٿاري ٿي، ته اهو انهن جي رٿيل منصوبي لاءِ رڪاوٽ بڻجي ٿو. ان ڪري انتظاميا کي حڪم ڏنو وڃي ٿو ته احتجاج کي شروع ۾ ئي دٻايو وڃي، جيئن اهو تحريڪ جو روپ نه وٺي.

جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي رويي تي نظر وجهجي، ته تمام گهڻو افسوس ٿئي ٿو ته جنهن اسيمبليءَ سڀ کان پهرئين قرارداد پاس ڪري پاڪستان جي ڳالهه ڪئي هئي، سا سنڌ خلاف وفاق پاران سازشن تي خاموش آهي. پيپلز پارٽي، جنهن جو وجود سنڌ ۾ آهي، اها پيپلز پارٽي خود پنهنجي ماڻهن مٿان لٺبازي ڪري صوبن جي مطالبن تان هٿ کڻائڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهي آهي. سنڌ صدين کان هڪ تاريخي، جاگرافيائي ۽ ثقافتي وحدت آهي. سنڌي ادبي سنگت، قومي پارٽيون ۽ سول سوسائٽي جو موقف آهي ته نون صوبن جو مطلب سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ آهي. جيڪڏهن اهو احتجاج وسيع ٿيو، ته وفاق ۾ ويٺل حڪمرانن لاءِ جواب ڏيڻ مشڪل ٿي ويندو. ان ڪري ميڊيا بليڪ آئوٽ ۽ پوليسي رڪاوٽن ذريعي ان کي دٻايو وڃي ٿو.

جنهن مان واضح ٿي چڪو آهي ته سنڌ حڪومت، خاص طور تي پيپلز پارٽي به سنڌ کي ڳڀا ڳڀا ڪرڻ جي حامي آهي، ڇاڪاڻ ته اهي وفاق ۾ مسلم ليگ (ن) سان گڏ ويٺل آهن، جڏهن ته صدر پاڪستان خود پيپلز پارٽيءَ جو اڳواڻ آهي. ان سان گڏ مرڪز ۾ حڪومت ۾ شامل پارٽيون، جن ۾ پيپلز پارٽي ۽ سندن حامي پارٽيون به شامل آهن، هڪ طرف عوام کي چون ٿيون ته اسان نون صوبن جي خلاف آهيون، پر ٻئي طرف حڪومت جو حصو هجڻ ڪري کليل مخالفت به نٿيون ڪري سگهن. ان ڪري جڏهن سنڌي ادبي سنگت جهڙيون سجاڳ تنظيمون احتجاج ڪن ٿيون، ته انهن تي "قانون ۽ امن و امان جي خرابي” جو جواز جوڙي روڪڻ لڳن ٿيون. ايتري تائين جو نون صوبن جي حق ۾ ڳالهائيندڙن کي "ترقي” ۽ "انتظامي سهولت” جو نالو ڏنو وڃي ٿو، جڏهن ته ان جي مخالفت ڪندڙن کي "قومپرست” ۽ "انتشار پسند” چئي بدنام ڪيو وڃي ٿو.

حڪومت کي خبر آهي ته سنڌ جو قلمڪار، اديب، استاد، وڪيل ۽ شاعر جڏهن گڏ ٿيندا، ته اها تحريڪ رڳو احتجاج تائين محدود نه رهندي، پر اها تاريخ بڻجي وڃي ٿي. 1983 جي تحريڪ، 1992 جو مارچ، ۽ 2023 جو پاڻي بچاءُ مارچ ان جا چٽا مثال آهن. ان ڪري کين خوف اهو آهي ته جيڪڏهن نون صوبن خلاف احتجاج کي کليل ميدان مليو، ته اهو وفاق لاءِ وڏو مٿي جو سور بڻجي ويندو. ڪالهوڪو پرامن احتجاج ڪنهن پارٽي خلاف نه پر سنڌ جي جاگرافي ۽ سڃاڻپ بچائڻ لاءِ هو، پر ان کي روڪي ۽ پرتشدد بڻائي پيغام ڏنو ويو ته "اختلاف راءِ” به هاڻي برداشت نه ڪيو ويندو. جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته "اسان کي گولي، ڌمڪي ۽ ڪيسن سان ڊيڄاري نه سگهجي ٿو. سنڌ اسان جي ماءُ آهي. ماءُ جا ٽڪرا ٿيندي ڏسي خاموش رهڻ غداري آهي.”

هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته حڪمران ڳالهين سان مسئلو حل ڪن ٿا يا طاقت سان آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش جاري رکن ٿا؟ تاريخ شاهد آهي ته آواز دٻائڻ سان تحريڪون ختم نه ٿيون آهن، پر اهي اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيون آهن. ڇو ته جڏهن ڪنهن قوم جي سڃاڻپ، ٻولي ۽ وسيلن تي وار ٿئي ٿو، ته پوءِ ان قوم جا قلمڪار، اديب، شاعر، استاد ۽ باشعور ماڻهو جاڳի پون ٿا. اهڙي جاڳرتا کي جبر سان دٻائڻ جي ڪوشش هميشه ناڪام ٿي آهي. ايم آر ڊي جي تحريڪ انهن باشعور ماڻهن جي جرئت سان ڪامياب ٿي هئي، جيتوڻيڪ حڪومت کين گولين ۽ ڪيسن سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر کين عوام جي اڳيان گوڏا کوڙڻا پيا. اڄ سنڌ ۾ "نون صوبن” جو نعرو هڪ ڀيرو ٻيهر اٿاري افراتفري پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، پر هن وقت سنڌي ادبي سنگت، قومپرست تنظيمون ۽ سول سوسائٽي بيدار آهن ۽ انهن سازشي عناصرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ آهن ۽ سنڌ جي وحدت تي وار هرگز برداشت نه ڪندا.

ياد رکو! جبر هميشه ردعمل پيدا ڪري ٿو. گرفتاريون ۽ ڪيس نوجوانن ۾ وڌيڪ شعور ۽ بغاوت پيدا ڪندا آهن، ۽ بين الاقوامي سطح تي ملڪ جي ساک خراب ٿيندي. سنڌي قوم وفاق جي خلاف نه آهي، سڀ پاڪستان جي سالميت جا حامي آهن، پر ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي ماءُ جهڙي سنڌ جا ٽڪرا برداشت نه ڪندا. ان سان گڏ کين سنڌ جي پاڻي، ڪا به ترميم ۽ ثقافت تي سوديبازي نامنظور آهي. ان ڪري حڪمرانن کي سمجهڻ گهرجي ته مسئلن جو حل آواز دٻائڻ نه پر ڳالهيون آهن. نون صوبن جهڙن حساس معاملن تي قومي اتفاق راءِ پيدا ڪئي وڃي ۽ ميڊيا کي آزاد ڪيو وڃي، ته جيئن ٻنهي پاسن جو موقف عوام تائين پهچي. جيڪڏهن سنڌ امڙ جا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش کي نه روڪيو ويو، ته اهو زخم سڄي ملڪ لاءِ ناسور بڻجي ويندو ۽ خود پاڪستان جو وجود خطري ۾ پئجي ويندو. تنهن ڪري وقت جي تقاضا آهي ته حڪمران ايوانن مان نڪري عوام جي دانهن ٻڌن، ڇاڪاڻ ته جنهن ڏينهن سنڌ جو شعور پنهنجي ماءُ جي حفاظت لاءِ قلم کڻي بيهندو، ان ڏينهن ڪا به طاقت ان آواز کي دٻائي نه سگهندي.

You might also like