ڪراچي (رپورٽر) مير رضا ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم کي ختم ڪري نئين پنج رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي، ڪراچي جي واپاري مير رضا ڪيس جي جاچ لاءِ نئين ڪميٽي قائم ڪئي وئي، مير رضا جي قبر ڪشائي کان پوءِ ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ سامهون اچڻ تي وارثن پوليس جي جاچ ڪندڙ ٽيم تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو هو، آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته مير رضا ڪيس جي جاچ ڪندڙ ٽيم کي ختم ڪري نئين ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، آءِ جي سنڌ موجب، نئين جاچ ڪميٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي عامر فاروقي ڪندو، جڏهن ته پنج رڪني ڪميٽي ۾ ايس پي انويسٽيگيشن سينٽرل پڻ شامل هوندو، ان کان علاوه ايس ايس پي سي ٽي ڊي عرفان بهادر کي به ڪميٽي جو حصو بڻايو ويو، آءِ جي سنڌ ٻڌايو ته نئين ڪميٽي ڪيس جي نئين سر جاچ ڪندي ۽ سمورن شاهدين ۽ نئين پوسٽ مارٽم رپورٽ جي روشني ۾ جاچ کي اڳتي وڌائيندي، آءِ جي سنڌ ان عزم جو اظهار ڪيو ته مير رضا ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، ان کان اڳ ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا علي جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ بابت اهم تفصيل سامهون آيا هئا، ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا علي جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ سامهون اچي وئي، ميڊيڪل رپورٽ موجب نوجوان مير رضا علي کي گولي پٺيان کان لڳي هئي، شروعاتي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مير رضا جي جسم تي تشدد جا نشان ڏٺا ويا، نوجوان جون پاسراٽيون ٽُٽل هيون، مٿي ۽ چهري تي زخمن جا ڪيترائي نشان موجود هئا، جسم تي ڪارا نشان به هئا، جڏهن ته سندس جسم تي تشدد جا نشان پڻ مليا آهن. پوليس سرجن پاران اٿاريل سمورن 14 نقطن جا جواب پڻ حاصل ڪيا ويا، مير رضا جي والد آڊيو ڪالن بابت سوال اٿاري ڇڏيا، هوڏانهن مير رضا جي والد مير حسين جو چوڻ آهي ته سندس نالي سان به هڪ آڊيو سامهون آئي آهي، هن چيو ته گذريل ڏينهن سندس پٽ جي آڊيو سامهون اچڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي، پر اها نه سندس پٽ جي آواز آهي ۽ نه ئي سندس پنهنجي آواز آهي،
مير حسين سوال ڪيو ته هن ڪيس سان آڊيو ڪالن جو آخر ڪهڙو تعلق آهي؟ مير رضا جي والد وڌيڪ چيو ته پهريان پوسٽ مارٽم دوران خول ملڻ جي ڳالهه سامهون آئي، هاڻي مير رضا جي قبر ڪشائي دوران آڊيو سامهون اچي رهيون آهن، سمجهه ۾ نٿو اچي ته اهو سڀ ڪجهه ڪير ۽ ڇو ڪري رهيو آهي، ياد رهي ته مير رضا جي قبر ڪشائي دوران ميڊيڪل بورڊ جا ميمبر، مير رضا جا وارث ۽ وڪيل جبران ناصر پڻ سوسائٽي قبرستان ۾ موجود هئا، پوليس سرجن، سڃاڻپ پروجيڪٽ جو سربراهه ۽ مجسٽريٽ پڻ قبرستان ۾ موجود رهيا، جڏهن ته ان موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا، ميڊيا سان ڳالهائيندي مير رضا جي والد مير حسين چيو ته هو قبر ڪشائي جي ڪارروائي مان مطمئن آهي. هن دعا ڪئي ته پوسٽ مارٽم دوران جيڪو ڪجهه اڳ ٿيو، اهو هاڻي ٻيهر نه ٿئي، جيڪا به رپورٽ سامهون ايندي، هو ان کي تسليم ڪندا، جڏهن ته ايس ايس پي ايس آءِ يو سميع الله سومرو جو چوڻ آهي ته مير رضا علي جي شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ بابت آگاهه ناهي ڪيو ويو، رپورٽ بابت اڃا تائين رابطو ناهي ڪيو ويو، ميڊيڪل بورڊ جي ميمبر ٻڌايو ته مير رضا جي پوسٽ مارٽم جي سموري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي آهي. مير رضا جي لاش مان مختلف نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، جيڪي ڪيميائي تجزيي لاءِ موڪليا ويندا، هاڻي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته مير رضا جي قبر ڪشائي دوران 17 نمونا حاصل ڪيا ويا، جن مان 4 ڊي اين اي ٽيسٽ ۽ ٻيا ڪيميائي جاچ لاءِ ورتا ويا، جاچ ذريعن موجب، مير رضا جي قبر ڪشائي دوران مجموعي طور 17 نمونا حاصل ڪيا ويا آهن، ذريعن ٻڌايو ته انهن مان 4 نمونا ڊي اين اي جاچ لاءِ، جڏهن ته باقي نمونا ڪيميائي جاچ لاءِ حاصل ڪيا ويا آهن، جاچ ذريعن موجب، مير رضا علي جي والدين کان ٻه ريفرنس نمونا پڻ حاصل ڪيا ويا آهن، جن جي مدد سان ڊي اين اي ميچنگ ڪئي ويندي، قبر ڪشائي دوران حاصل ڪيل سمورن نمونن کي محفوظ ڪيو ويو آهي، ڊي اين اي ۽ ڪيميائي رپورٽون 3 کان 4 ڏينهن ۾ اچڻ جو امڪان آهي، ذريعن موجب، ڪيميائي جاچ ۽ ڊي اين اي رپورٽن جا نتيجا 3 کان 4 ڏينهن ۾ اچڻ جو امڪان آهي، سمورا نمونا سومر ڏينهن ڪراچي يونيورسٽي جي فارنزڪ ليبارٽري ۾ جمع ڪرايا ويندا، جتي انهن جي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.