ڪي شخصيتون زندگيءَ ۾ رڳو هڪ ملاقات جي صورت ۾ داخل ناهن ٿينديون، پر اهي دل جي ڪنهن اهڙي ڪُنڊ ۾ جاءِ ٺاهي وٺنديون آهن، جتي وقت گذرڻ جي باوجود، سندن يادن جا ڏيئا ٻرندا رھندا آهن. عبدالڪريم بلوچ سان منهنجي پهرين ملاقات به مون لاءِ هڪ اهڙي ئي يادگار گهڙي هئي، جيڪا اڄ به منهنجي دل ۾ ان تازگيءَ سان محفوظ آهي.
مارچ 2006ع ۾ جڏهن پي.ٽي.وي ڪراچي مرڪز تان مارننگ شو ”مينا بازار“ شروع ٿيو، ته ان جي ابتدائي پروگرامن مان هڪ پروگرام ۾ پي.ٽي.ويءَ جي بانين، معمارن ۽ مُهڙين ٿنڀن ۾ شمار ٿيندڙ مهمان شخصيت عبدالڪريم بلوچ کي هڪ مهمان طور سڏايو ويو. مان به ان مارننگ شو سان هڪ پروڊيوسر جي حيثيت سان سلھاڙيل هيس. مون کي ان عظيم انسان جو آڌر ڀاءُ ڪرڻ جو موقعو مليو. جڏهن مان گاڏي جو دروازو کوليو ۽ هو لهڻ لڳو ته هن وڏي پاٻوهه ۽ شفقت وچان منهنجو هٿ پڪڙيو. سندس هٿ جي اها گرفت رڳو رسمي هٿ ملائڻ ڪونه هئي پر ڄڻ اها هڪ وڏڙي جو اعتماد، محبت ۽ دعائن ڀريل هڪ اهڙو ڇهاءُ هئي، جيڪا منهنجي دل تي سدائين لاءِ نقش ٿي وئي.
اسٽوڊيو تائين جي چند گهڙين جو سفر منهنجي لاءِ هڪ يادگار سفر بڻجي ويو. هو رستي ۾ مون کان منهنجي باري ۾ پڇندو رهيو ۽ منهنجو ڳالهيون وڏي ڌيان سان ٻڌندو رهيو. ”مينا بازار“ شو پنهنجي معمول پٽاندڙ ختم ٿيو ته مان بلوچ صاحب کي پنهنجي ڪمري ۾ وٺي آيس. اسان گڏجي چانهه پيتي سين. پاڻ ڳچ دير تائين ويٺو رهيو، ان دوران ڪافي موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سندس گفتگوءَ ۾ شفقت هئي، لهجي ۾ مٺاڻ هئي ۽ هر جملي ۾ تجربي جي روشنيءَ تجليون پئي ڏنيون. موڪلائڻ مهل منهنجي ڪلهي تي هٿ رکيو ۽ نهايت پاٻوهه وچان چيائين: ”توهان ملڻ لاءِ ايندا رهجو“ اهو هڪ ننڍڙو جملو هيو، پر مون لاءِ هڪ استاد جي شفقت، هڪ وڏڙي جي حوصلا افزائي ۽ هڪ نئين تعلق جو بنياد بڻجي ويو.
ان کانپوءِ جڏهن به ڪا وِٿي ملندي هئي ته مان ساڻس ملڻ لاءِ هليو ويندو هوس. هر ملاقات ۾ ڪجهه نه ڪجهه نئون سکڻ لاءِ ملي ويندو هو. پاڻ ڄڻ ته مون لاءِ هڪ نئين درسگاهه ثابت ٿيو. ڪڏهن ٽيليويزن جا اصول سمجهائيندو هيو، ڪڏهن پروگرام سازيءَ جي باريڪين تي ڳالهائيندو هيو، ڪڏهن فنڪارن جي ادب احترام جي اهميت ٻڌائيندو هيو ۽ ڪڏهن وري اداري کي هلائڻ جا اهڙا گُر ٻڌائيندو هيو جيڪي ڪنهن ڪتاب ۾ به شايد ڪو نه ملن. مان محسوس ڪيو ته عبدالڪريم بلوچ رڳو هڪ ڪامياب پروڊيوسر يا جنرل مئنيجر ڪونه هو، پر هڪ گهمندڙ ڦرندڙ اڪيڊمي هو، جنهن جي تجربن مان سکڻ مون لاءِ ڪنهن نعمت کان گهٽ ڪونه هيو.
پوءِ6 آگسٽ 2008ع تي صبح جو اها ڏکوئيندڙ ڏيندڙ خبر ملي ته عبدالڪريم بلوچ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. اها خبر مون لاءِ رڳو هڪ نالي واري شخصيت جي موت جي خبر ڪونه هئي، پر ائين پئي لڳو پي.ٽي.وي جي سونهري تاريخ جو هڪ روشن ڏيو اجهامي ويو هجي، تنهن ڏينهن منهنجي دل اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪئي ته ڪي ماڻهو پنهنجي وڃڻ سان خالي جاءِ ناهن ڇڏيندا، پر هڪ اهڙو خال پيدا ڪري ويندا آهن، جيڪو ڪڏهن ڀربو ئي ڪونهي.
اسان جڏهن پي.ٽي.وي ڪراچي مرڪز جي تاريخ جي شاندار دور کي ياد ڪريون ٿا ته ذهن ۾ رڳو ڪامياب پروگرام يا مشهور ڊراما ئي ڪو نه پيا اچن، پر عبدالڪريم بلوچ به ياد اچي ٿو، جنهن هن اداري جي فڪري، ادبي ۽ ثقافتي بنيادن کي بيحد سگھارو ڪيو. سندس شخصيت جو ڪمال اهو هو ته هو رڳو پروگرام تيار ڪندڙ هڪ پروڊيوسر ڪونه هو، پر پروگرامن جي پويان موجود فڪر، مقصد ۽ قومي ذميواري کي به پوري ريت سمجهندو هو، سندس ويساهه هو ته ٽيليويزن رڳو وندر ورونهن يا تفريح فراهم ڪندڙ ادارو ڪونهي، پر قوم جي فڪري تربيت، تهذيبي سڃاڻپ ۽ ثقافتي ورثي جو محافظ پڻ آهي، اهو ئي ڪارڻ هيو جو سندس ڏينهن ۾ پيش ڪيل پروگرامن ۾ علم، ادب، تهذيب، لوڪ ثقافت ۽ سماجي شعور جي جهلڪ پڌري نظر ايندي هئي. عبدالڪريم بلوچ جي هڪ وڏي خوبي اها به هئي ته هو پروگرام جي مقبوليت کي رڳو ريٽنگ يا شهرت سان ڪونه ماپندو هو، سندس آڏو اصل ڪاميابي اها هئي ته پروگرام ڏسندڙن جي دلين تي اثر ڇڏي. پاڻ اڪثر چوندو هيو ته جيڪڏهن ڪو پروگرام ڪنهن نوجوان کي ڪتاب پڙهڻ جو شوق ڏياري، ڪنهن ٻار کي پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪرڻ سيکاري يا ڪنهن ڪٽنب کي گڏجي ويهي معياري تفريح ڏسڻ ڏانهن لاڙي ته اها ئي ان جي اصل ڪاميابي آهي، اها ئي سوچ بلوچ صاحب جي تخليقي قيادت جو بنياد هئي.
عبدالڪريم بلوچ 5 جنوري 1939ع تي ڪوٽڙيءَ ۾ ڄائو. هيءَ اها سرزمين آهي، جنهن ڪيترائي ئي علم وارا، فن وارا قلم وارا ماڻهو پيدا ڪيا، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته سندس والد الله بچايو خان رند بلوچ فوجي مزاج رکندڙ شخص هيو. پهرين عالمي جنگ ۾ بهرو ورتو هيائين ۽ نظم ضبط جو سخت پابند هو. پر سندس پٽ عبدالڪريم بلوچ هڪ مختلف رستي جي چونڊ ڪئي. سندس دل ۾ بندوق جي آواز بدران بانسري جي لئه، جنگ جي گوڙ گهمسان کان وڌيڪ ادب جي خاموش اثر ۽ طاقت جي ڏيکاءُ بدران تخليق جي روشنيءَ گهر ڪري ورتو. شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ ئي عبدالڪريم بلوچ اهو محسوس ڪري ورتو هو ته سندس اصل منزل فن ۽ ابلاغ جي دنيا آهي، ان جذبي کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تائين پهچايو، جتي هن منڊکان ئي پنهنجي صلاحيتين جو ڌاڪو ڄمائي ورتو. ريڊيو تنهن زماني ۾ رڳو هڪ نشرياتي ذريعو ڪونه هو، پر عوام جي درس گاهه، ثقافت جو امين، ٻولي ۽ ادب جو محافظ هوندو هيو. عبدالڪريم بلوچ ان اداري کي پنهنجي پهرين عملي درس گاهه بنايو، ان کان پوءِ پاڻ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ئي پروڊيوسر مقرر ٿيو ۽ ان حيثيت ۾ اهي خدمتون انجام ڏنائين، جن کي اڄ به ريڊيو براڊ ڪاسٽنگ جي تاريخ ۾ وڏي احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. هن سنڌي ڊرامن، موسيقي، ڳوٺاڻن پروگرامن ۽ ادبي نشريات ۾ نوان لاڙا آندا. پاڻ چوندو هيو ته ريڊيو رڳو خبرون ٻڌائڻ جو ذريعو ڪونهي، پر معاشري جي روح کي جيئري رکڻ جو وسيلو پڻ آهي.
ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو مشهور پروگرام ”ڪچهري“ سندس تخليقي سفر جو هڪ نهايت دلڪش باب آهي. ان پروگرام ۾ هن ”گهنور خان“ جو ڪردار اهڙي انداز سان نڀايو جو اهو ڪردار رڳو ريڊيو جو ڪردار نه رهيو، پر سنڌ جي ڳوٺن، پوکن پلاهن، هارين نارين، زميندارن ۽ عام ماڻهن جي زبان بنجي ويو. اڄ به ريڊيو جا پراڻا ٻڌندڙ جڏهن ”گهنور خان“ جو نالو ٻڌندا آهن ته سندن چهري تي مُرڪ تري ايندي آهي. ڪنهن فنڪار جي اصل ڪاميابي اها ئي هوندي آهي ته ڪردار، اداڪار کان وڏو ٿي وڃي ۽ وقت گذرڻ جي باوجود به ماڻهن جي دلين ۾ جيئرو رهي. عبدالڪريم بلوچ جي هڪ وڏي خوبي اها به هئي ته هو رڳو پاڻ سٺو ڪم ڪرڻ تي ويساهه ڪونه رکندو هو، پر ٻين کي به اڳتي وڌائيندو هيو. کيس نَون چهرن کي ڳولڻ ۾ مهارت حاصل هئي. ڪيترائي ڳائڻا، اداڪار، ليکڪ، موسيقار وغيره اهڙا هئا، جن کي پهريون موقعو عبدالڪريم بلوچ ئي ڏنو. اڳتي هلي اهي ماڻهو پاڪستان جي ثقافتي سڃاڻپ بڻيا.
1967ع ۾ جڏهن بلوچ صاحب پي.ٽي.وي ڪراچي مرڪز ۾ پروڊيوسر طور قدم رکيو ته ڄڻ ريڊيو جي تخليقي روايت پي.ٽي.ويءَ ۾ منتقل ٿي وئي. پي.ٽي.وي تن ڏينهن ۾ پنهنجي ابتدائي منزلن ۾ هيو نوان اسٽوڊيوز، محدود سهولتون، گهٽ وسيلا ۽ وڏا وڏا خواب – اهڙي ماحول ۾ عبدالڪريم بلوچ جهڙو ماڻهو ڪنهن نعمت کان گهٽ ڪونه هيو. پاڻ مسئلا ڪونه ڳڻائيندو هيو، پر انهن جو حل ڳوليندو هيو.
پي.ٽي.وي ڪراچي مرڪز جا ابتدائي سال اصل ۾ تخليقي امڪانن جا سال هئا. ان دؤر ۾ هر پروگرام هڪ نئون تجربو هوندو هو ۽ هر نئون آواز هڪ اميد. عبدالڪريم بلوچ ان اميد کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي ڏس ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. سندس آفيس ۾ ايندڙ ڪو به نوجوان، جيڪڏهن ڪا صلاحيت رکندو هو، ته اهو اتان ڪڏهن به مايوس نه موٽندو هيو. پاڻ رڳو آڊيشن ڪو نه وٺندو هو، پر رهنمائي به ڪندو هو، خامين جي نشاندهي به ڪندو هو ۽ حوصلا افزائي پڻ ڪندو هو. کيس اها سُڌ هئي ته جيڪڏهن نوان ماڻهو اڳتي نه ايندا ته پوءِ فن جو ڏيئو اجهامي ويندو. تنهنڪري هن پنهنجي سڄي ڄمار نون آوازن، نون چهرن، نون قلمڪارن ۽ نون فنڪارن جي ڳولا ۽ تربيت ۾ گذاري ڇڏي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ پاڪستان جا اڻ ڳڻيا ۽ هاڪارا اداڪار، گلوڪار، صداڪار، ميزبان ۽ لکيڪ اهڙا به آهن، جن جي ابتدائي زندگي ۾ عبدالڪريم بلوچ جي شفقت، رهنمائي ۽ حوصلي افزائي جو ڪو نه ڪو باب ضرور سلهاڙيل آهي. هن فنڪارن کي رڳو ڪم ئي ڪونه ڏنو، پر انهن ۾ خود اعتمادي پيدا ڪئي ۽ کين اهو سيکاريو ته فن ڪو شهرت جو ذريعو ڪونهي، پر اهو سماج جي خدمت جو وسيلو پڻ آهي.
سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سان سندس محبت رڳو جذباتي ڪو نه هئي، پر عملي هئي. هن چاهيو ٿي ته سنڌي ادب جون عظيم روايتون ٽيليويزن جي اسڪرين تي پڻ ان شانَ مانَ سان پڌريون ٿين، جيئن اهي ڪتابن ۾ محفوظ آهن. ان جذبي تحت هن ڪلاسيڪي ادب، لوڪ ڪهاڻين ۽ تاريخي موضوعن کي ڊرامن ۽ ثقافتي پروگرامن جو حصو بنايو. ان کان سواءِ سندس هڪ وڏي خدمت اها به هئي ته هن تخليقڪارن کي وڏي عزت ڏني. کيس خبر هئي ته هڪ سگهارو ڊرامو هڪ سگِهاري قلم مان ئي جنم وٺندو آهي. تنهنڪري هن اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي پي ٽي وي سان جوڙيو، سندن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪيو ۽ کين تخليقي آزادي ڏني. ان روايت اڳتي هلي پي ٽي وي جي بنيادن کي بيحد سگهارو ڪيو. کيس پڪ هئي ته مضبوط ادارا رڳو سٺين عمارتن سان نه، پر سٺن ذهنن سان ٺهندا آهن. ان سوچ تحت هن ناليواري شاعر، اديب ۽ دانشور شمشير الحيدري کي پي ٽي وي سان سلهاڙڻ تي راضي ڪيو. اهو فيصلو بعد ۾ وري سنڌي ادب ۽ پي ٽي وي ٻنهي لاءِ نهايت اهم ۽ لاڀائتو ثابت ٿيو. شمشير الحيدري جي ادبي بصيرت ۽ عبدالڪريم بلوچ جي تخليقي قيادت جي ڪري اهڙا معياري پروگرام تخليق ٿيا، جيڪي اڄ به وڏي احترام سان ياد ڪيا وڃن ٿا.
هي اهو دور هو جڏهن پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ عوامي دلچسپي جي پروگرامن جي باري ۾ نئين سوچ وڌي رهي هئي. اهڙي تخليقي فضا ۾ ئي ”نيلام گهر“ جهڙي نرالي پروگرام جو تصور آڏو آيو، جنهن کي پوءِ تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. ان تصور جو بنياد عبدالڪريم بلوچ رکيو. هن سدائين اهڙن پروگرامن کي همٿايو، جيڪي عوام کي هڪٻئي سان ڳنڍين ۽ تفريح سان گڏ تهذيب جي واڌ ويجهه ڪن. پر عبدالڪريم بلوچ جي عظمت رڳو سندس تخليقي آئيڊياز تائين محدود ڪونه هئي. سندس اصل سڃاڻ سندس فنڪار دوست مزاج هيو. ان زماني ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ ملڪ جي ڏورانهن علائقن کان نوجوان فنڪار پنهنجيون اميدون کڻي ڪراچيءَ ايندا هئا.ڪيترائي فنڪار مالي مشڪلاتن جو شڪار ٿيندا هئا، وٽن رهڻ جي جاءِ ڪونه هوندي هئي، کاڌي پيتي لاءِ ڏوڪڙ پئسو ڪونه هوندو هيو ۽ واپسي جو ڪرايو به ڪونه هوندو هو. عبدالڪريم بلوچ انهن حالتن کي چڱيءَ سمجهندو هيو. تنهنڪري هن هڪ اهڙو بندوبست ڪيو، جنهن کي اڄ به پراڻا فنڪار وڏي اُڪير ۽ عقيدت سان ياد ڪن ٿا. ڪراچي ايندڙ فنڪارن لاءِ رهائش جو انتظام ۽ سندن کاڌي پيتي جي سهولت سندس پهرين ترجيح هوندي هئي. هو سمجهندو هو ته جيڪڏهن ڪو فنڪار بنيادي پريشانين ۾ ڦاٿل آهي ته پوءِ پنهنجي فن جو بهترين اظهار ڪيئن ڪري سگهندو؟ پاڻ ان ڳالهه تي به خاص ڌيان ڏيندو هو ته جيڪي فنڪار ڪنهن پروگرام ۾ شامل هجن، ته تن کي ان جو معاوضو رڪارڊنگ هلندي ئي ملي وڃي. سندس آڏو رڳو مالي معاملو ئي ڪونه هو، پر فنڪارن جي عزت نفس جو سوال پڻ هيو ۽ گڏوگڏ سندس پيشي وراڻي وقار جو مسئلو پڻ هيو. تنهنڪري سڀ فنڪار مٿس ڀروسو ڪندا هئا ۽ اهو يقين رکندا هئا ته بلوچ صاحب جي هوندي کين ڪا به ڏکيائي ڪونه ٿيندي.
سندس قومي خدمت جي مڃتا ۾ پاڪستان سرڪار کيس ”پرائينڊ آف پرفارمنس“ سان نوازيو، اهو اعزاز رڳو هڪ فرد جي ڪاميابي ڪونه هيو، پر پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جهڙن قومي نشرياتي ادارن جي ان شاندار روايت جي مڃتا هئي، جنهن جي اڏاوت ۾ عبدالڪريم بلوچ پنهنجي سڄي ڄمار ارپي ڇڏي هئي. پر حقيقت اها آهي ته سندس سڀ کان وڏو اعزاز اها محبت هئي، جيڪا کيس فنڪارن، اديبن، شاعرن، ساٿين ۽ پي ٽي وي ڏسندڙن وٽان ملي هئي. تمغا ته وقت سان گڏ عجا ئب گهرن ۾ محفوظ ٿي ويندا آهن، پر ماڻهن جون دعائون ۽ محبتون نسلن تائين هلنديون رهنديون آهن.
بلوچ صاحب جي لاڏاڻي کي ارڙهن ورهيه ٿي ويا آهن. پر اڄ به سندس نالو وڏي احترام سان ورتو ويندو آهي، ڇو ته هن ڪڏهن به ڪنهن کي پنهنجي احسان جو احساس ڪونه ڏياريو هيو، پر ماٺ ميٺ ۾ ماڻهن جي خدمت ڪئي هئي. پاڻ هڪ اهڙي گهاٽي وڻ مثل هيو، جيڪو پنهنجي ڇانوَ جو پڙهو ناهي ڏيند و، پر واٽهڙو ان جي ٿڌاڻ کي ڪڏهن به ناهن وساريندا
عبدالڪريم بلوچ ظاهري طور تي دنيا مان هليو ويو آهي، پر سندس قائم ڪيل روايتون، سندس تربيت ڪيل نسل، سندس تخليقي سوچ ۽ سندس انسان دوستي اڄ به جيئري آهي.پي ٽي ويءَ جي تاريخ جو هر روشن باب، هر معياري پروگرام ۽ هر اهو فنڪار ۽ قلمڪار، جنهن کي هن اعتماد ڏنو، سندس زندگيءَ جي گواهي ڏئي ٿو. اهڙا ماڻهو وقت سان گڏ بنهه ناهن وسرندا، پر وقت سندس عزت ۽ عظمت کي اڃان به وڌيڪ مٿانهون ڪندو رهندو آهي.