ڪراچي (رپورٽر) مير رضا علي ڪيس ۾ پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه سيد پاڻ کي بي وس قرار ڏئي ڇڏيو، رپورٽ موجب ڊاڪٽر سميه سيد سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي اڪائونٽ تان لکيو ته ”ڪراچي ۾ ميڊيڪو ليگل سروسز ۽ پوليس سرجن جي حيثيت سان پنهنجي 4 سالن جي ذميواري دوران مون پاڻ کي ڪڏهن به ايترو بي وس محسوس ناهي ڪيو، ڊاڪٽر سميه سيد وڌيڪ لکيو ته سچ ۽ انصاف جي ڳولا ۾ کيس اڪثر رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو، پر هن ڀيري هوءَ واقعي ٿڪجي پئي آهي، حد کان وڌيڪ ٿڪجي پئي آهي، ڊاڪٽر سميه سيد پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سنگين خامين جي نشاندهي ڪئي هئي،
واضح رهي ته پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه سيد مير رضا ڪيس جي سلسلي ۾ ايس پي ايسٽ کي خط لکي، ڊاڪٽر اسامه شيخ پاران تيار ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سنگين خامين جي نشاندهي ڪئي هئي.