ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سينيئر اداڪار قيصر نظاماڻي سنڌ جي امڪاني ورهاڱي واري معاملي تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي ڌرتيءَ جي خودمختياري تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.
قيصر نظاماڻي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ”سنڌ جي مادرِ وطن جي خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ٿيندو.”
هن وڌيڪ چيو ته بي مقصد بحثن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ماڻهن کي استعمال ڪرڻ بدران اهڙين ڪوششن کي رد ڪرڻ گهرجي.