اقتدار ڌڻي نوان صوبا ٺاهي قومن جي تاريخي سڃاڻپ مٽائڻ چاهين ٿا: اشفاق آذر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينيئر صحافي ۽ تجزئي نگار اشفاق آذر چيو آهي ته ڏهاڪن کان وٺي ڪوشش ڪئي وئي ته هن ملڪ جي ايڪائين کي سندن تاريخي، تهذيبي سڃاڻپ، ٻولي، ڪلچر ۽ ورثي کان ٻاهر ڪڍي “پاڪستانيت” ۾ ضم ڪري ڇڏجي، اهڙي پاڪستانيت جنهن ۾ قومن جي بنيادي وجود ۽ سندن خودمختياري جو سوال ئي نه هجي.
پنهنجي فيس بُڪ پوسٽ ۾ اشفاق آذر لکيو ته جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته 40ع واري قرارداد اڄ ڊسٽ بن ۾ پيل نه هجي ها، ون يونٽ ٺهڻ جي محرڪن مان هڪ محرڪ اهو به هو.
هن چيو ته پنهنجي ڌرتي، تاريخ ۽ ڪلچر جي ڳالهه ڪرڻ کي صوبائيت ۽ نسلي تعصب جو نالو ڏنو ويو، مٿان وري جڏهن سنڌ پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ کي نروار ڪرڻ لاءِ هر سال ڏهاڙو ملهائڻ شروع ڪيو ته بلوچ، پنجابي ۽ ٻيون قومون به پنهنجي ثقافتي ورثي ۽ سڃاڻپ لاءِ اُٿي بيٺيون.
سينيئر صحافي موجب، اقتدار ڌڻين لاءِ اها ڳالهه هاضمي کان چڙهيل هئي، ڇاڪاڻ ته هڪڙا بنگالي اڳ ئي هنن کان ان معاملي تي هضم نه ٿيا هئا.
اشفاق آذر چيو ته نوان صوبا ٺاهڻ جي کٽراڳ پويان هڪ محرڪ اهو به آهي ته انهن قومن کي پنهنجي تاريخي ۽ تهذيبي ورثي تان هٿ کڻائجي.
جڏهن اجتماعي قومي تشخص نه رهندو ۽ ڳالهه ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص وغيره صوبن ۾ ورهائجي ويندي ته پوءِ خودمختياري ۽ وسيلن جي مالڪي جا سوال به پنهنجي اهميت وڃائي ويهندا.
هن وڌيڪ چيو ته اقتدار ڌڻي اهو نٿا سمجهن ته ”سنڌ صدين کان آهي، صدين تائين رهندي.“

You might also like