ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نامياري اداڪار احسن خان چيو آهي ته مردن کي گهرجي ته هو پنهنجي زال کي سڄي زندگي رڳو رڌڻي تائين محدود نه رکن، پر کيس به زندگي ۾ اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪن.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران احسن خان مردن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي زالن کي خودمختيار بڻائين ۽ جيڪڏهن پاڻ ڪاميابي حاصل ڪري رهيا آهن ته پنهنجي زال کي به ان ڪاميابي جو حصو بڻائين.
هن چيو ته ائين نه ٿيڻ گهرجي جو زال رڳو ٻارن جي پرورش ڪري، ساهرن جي سار سنڀال ۾ لڳي پئي هجي ۽ پنهنجي زندگي وساري ويهي رهي، جيڪڏهن ڪا عورت هڪ ئي جاءِ تي بيهي رهي ٿي ته ان ۾ مڙس جو به ڪردار هوندو آهي.
احسن خان چيو ته هو هميشه پنهنجي گهرڀاتين کي چوندو آهي ته جيڪڏهن توهان محسوس ڪريو ٿا ته توهان ترقي ڪري رهيا آهيو ته پنهنجي زال جو هٿ پڪڙي کيس به ساڻ وٺي هلو، کيس اهڙي جاءِ تي نه ڇڏيو جتي هوءَ سڄي زندگي رڳو بورچيخاني تائين محدود رهي.
هن سڀني مردن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي زالن کي خودمختيار بڻائين، کين تعليم ڏيارين ۽ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جا موقعا فراهم ڪن.
اداڪار پنهنجي مثال ڏيندي چيو ته سندس زال کي بيڪنگ جو شوق هو، تنهنڪري هن ڪڏهن به سندس رستي ۾ رنڊڪ کڙي نه ڪئي.
هن ٻڌايو ته هن پنهنجي زال کي وڌيڪ ڪورس ڪرڻ لاءِ همٿايو، ٻارن جي ذميواري پاڻ سنڀالي ۽ کيس گاڏي هلائڻ به سيکاريو ته جيئن سندس اعتماد وڌي ۽ هوءَ آزادي سان پنهنجي ڪم ڪار لاءِ وڃي سگهي.