ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناليواري ميزبان ندا ياسر چيو آهي ته پاڪستان ۾ شادي شده مردن کي والدين طرفان مالي سهارو ڏيڻ واري روايت درست ناهي ۽ ان ۾ تبديلي آڻڻ جي ضرورت آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ هڪ وڊيو ڪلپ ۾ ندا ياسر چيو ته والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن کي خودمختيار بڻائين ۽ سندن شادي به تڏهن ڪرائين، جڏهن هو ڪمائڻ جي قابل ٿي وڃن.
هن چيو ته اولهه وارن ملڪن ۾ 14 ورهين جا ٻار به ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏين ٿا، جڏهن ته 18 ورهين جي عمر ۾ پنهنجي گهر جو ڀاڙو، تعليم ۽ ٻيا خرچ پاڻ برداشت ڪندا آهن.
ندا ياسر چيو ته پاڪستان ۾ صورتحال ان جي ابتڙ آهي، جتي والدين جيستائين ٿي سگهي ٻارن جو خرچ کڻندا رهن ٿا.
سندس چوڻ هو ته يا ته ننڍڙو ٻار، جنهن جي راند روند جي عمر هوندي آهي، سڄي گهر جو بار کڻي ٿو، يا وري 40 کان 50 ورهين جا مرد به پنهنجي والد جي پئسن تي گذارو ڪندا آهن.
هن وڌيڪ چيو ته اها روايت غلط آهي ۽ هوريان هوريان ان کي تبديل ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي ٻارن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ سيکارين، ڇو ته رڳو ڊگري ڏيارڻ يا خرچ پورا ڪرڻ سندن ذميواري ناهي، پر کين صحيح رخ ۾ اڳتي وڌائڻ به سندن فرض آهي.