سنڌ ڪابينا مهراڻ هاءِ وي تي ٽول ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ڪابينا مهراڻ هاءِ وي تي ڳرين واپاري گاڏين لاءِ ٽول ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ 135 ڪلوميٽر ڊگهي مهراڻ هاءِ وي تي ٽول ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ڪابينا کي آگاهه ڪيو ويو ته ٽول ٽيڪس جو صرف ڳرين ۽ واپاري گاڏين تي لاڳو هوندو.
بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته مهراڻ هاءِ وي کي ٻٽو بڻائڻ وارو منصوبو 41 ارب رپين جي لاڳت سان جاري آهي، جڏهن ته تجويز ڪيل ٽول ٽيڪس نظام ذريعي ساليانو 2 ارب 14 ڪروڙ رپين جي مجموعي آمدني حاصل ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته آپريشنل خرچن کانپوءِ ساليانو هڪ ارب 48 ڪروڙ رپين جي خالص آمدني جو امڪان آهي.
سنڌ ڪابينا گاڏين جي مختلف قسمن موجب مقرر ڪيل ٽول ريٽن جي به منظوري ڏني.
اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت شاهراهن جي پائيدار سار سنڀال لاءِ پاڻڀرو مالياتي نظام متعارف ڪرائي رهي آهي.
اجلاس ۾ ورڪس اينڊ سروسز کاتي جو روايتي نالو بحال ڪرڻ جي به منظوري ڏني، جنهن تحت کاتي جو نالو ٻيهر ڪميونيڪيشن اينڊ ورڪس ڊپارٽمينٽ رکيو ويندو.

You might also like