اسلام آباد / خيرپور (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي ضلعي خيرپور ۾ اعليٰ معيار جي ليٿيم جي دريافت کانپوءِ پاڪستان ۾ پهرين مقامي ليٿيم صنعت جي قيام ڏانهن اهم اڳڀرائي ٿي آهي.
ان ڏس ۾ آئل اينڊ گيس ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ (او جي ڊي سي ايل) ۽ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف نيوڪليئر سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (پنس ٽيڪ) وچ ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون آهن.
معاهدي جو مقصد خيرپور ۾ هڪ کوهه مان دريافت ٿيل اعليٰ معيار جي ليٿيم کانپوءِ جيوٿرمل لوڻياٺي پاڻي مان تجارتي سطح تي ليٿيم ڪڍڻ جي جديد ٽيڪنالاجي تيار ڪرڻ آهي.
رپورٽن موجب، ان منصوبي سان پاڪستان ۾ ليٿيم جي مقامي صنعت جو بنياد پوندو، جديد بيٽرين ۽ توانائي سان لاڳاپيل صنعتن کي هٿي ملندي ۽ درآمدن تي ڀاڙڻ ۾ به گهٽتائي اچڻ جي اميد آهي.
ٻئي پاسي سنڌ ۾ ليٿيم جي ڳولا جو دائرو به وڌايو ويو آهي، جتي وڌيڪ 8 کان 10 کوهن تي تحقيق ۽ سروي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جيئن صوبي ۾ ليٿيم جي ذخيرن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ليٿيم جا تجارتي ذخيرا وڏي مقدار ۾ موجود هجڻ جي تصديق ٿي وڃي ٿي ته اهو پاڪستان لاءِ معاشي، صنعتي ۽ برآمداتي شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿي سگهي ٿو.
خيرپور جي لوڻياٺي پاڻي مان ليٿيم ڪڍڻ لاءِ او جي ڊي سي ايل ۽ پنس ٽيڪ وچ ۾ معاهدو
You might also like