سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ هاڻي هفتي ۾ 5 ڏينهن پڙهائي ٿيندي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي جي سمورن سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ ڇنڇر جي موڪل ٻيهر بحال ڪري ڇڏي آهي.
فيصلي موجب، تدريسي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ جو واڌارو ڪيو ويندو، جيئن تعليمي سرگرميون وڌيڪ اثرائتي نموني جاري رکي سگهجن.
سنڌ حڪومت موجب، اهو فيصلو بچت پاليسي تي عملدرآمد ۽ موجود وسيلن جي وڌيڪ اثرائتي استعمال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
صوبائي تعليم کاتي جو چوڻ آهي ته هاڻي سڀني سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن ۾ تدريسي عمل سومر کان جمعي تائين، هفتي ۾ پنج ڏينهن جاري رهندو.
واضح رهي ته ان کان اڳ تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ذريعي ڄاڻايو هو ته سنڌ جا سڀئي سرڪاري اسڪول ڇنڇر تي به کليل رهندا.

You might also like