محسن نقوي جي تجويز فرسوده آهي، خبر ناهي ڪنهن طرف اشارو آهي؟

ڀٽ شاھ )رپورٽ:ارشاد علي ٻگھيو) مراد علي شاهه چيو آهي ته هن محسن نقوي جو بيان ٻڌو آهي، مون کي خبر ناهي ته هو ڪٿي اشارو ڪري رهيو آهي. ڀٽ شاهه ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي صوبي جي حڪومت به مسلم ليگ نواز وٽ آهي.هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان ۾ اتحادي حڪومت آهي ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي. ڪي پي ڪي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي. مراد علي شاهه چيو ته جيڪڏهن محسن نقوي سمجهي ٿو ته نظام ڊهي پيو آهي ته پوءِ کيس هڪ تجويز ڏيڻ گهرجي. هن جيڪو تجويز ڏني آهي اهو هڪ فرسوده تجويز آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي، هتي جا ماڻهو ان کي قبول نه ڪندا. وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي 283هين سالياني عرس مبارڪ جي اختتامي تقريب ۾ شرڪت، مزار تي حاضري، فاتحه خواني، چادر چاڙهي ملڪ جي سلامتي، امن ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعا، وڏي وزير سنڌ سيد مراد علي شاهه ڀٽ شاهه پهتو. وڏي وزير حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي مزار تي حاضري ڀري، فاتحه خواني ڪئي، چادر چاڙهي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي، خوشحالي، امن ۽ استحڪام لاءِ خصوصي دعا گهري. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مزار جي احاطي ۾ شاهه جو راڳ ٻڌو، وزيٽرز بُڪ ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا ۽ مستحق عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفا ورهايا. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر شاهه، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه، صوبائي وزير محبوب الزمان، صوبائي اسيمبلي ميمبر قاسم سراج سومرو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض حسين عباسي، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري دانش ذاڪر، ايس ايس پي مٽياري عليم بلو ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير  سيد مراد علي شاهه چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ جي عرس مبارڪ ۾ شرڪت ڪرڻ سندس لاءِ وڏي سعادت جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سنڌ صوفين ۽ اوليائن جي ڌرتي آهي، جتان هميشه محبت، ڀائيچاري، رواداري ۽ انسانيت جو پيغام مليو آهي. حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ پنهنجي شاعري وسيلي امن، ڀائيچاري ۽ اعليٰ انساني قدرن کي هٿي ڏني ۽ سندن پيغام اڄ به سڄي انسانيت لاءِ مشعلِ راهه آهي. وڏي وزير دعا ڪئي ته الله تعالي ملڪ ۾ هميشه امن، ڀائيچارو، قومي يڪجهتي ۽ خوشحالي قائم رکي ۽ سڀني انسانن کي محبت، احترام ۽ گڏيل هم آهنگي سان زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي.نون صوبن بابت هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته محسن نقوي جي اها سوچ فرسوده آهي. سنڌ صوفين جي سرزمين آهي ۽ هتي جا ماڻهو پنهنجي صوبي جي مفادن جي تحفظ لاءِ متحد آهن، تنهنڪري اهڙين تجويزن کي قبول نٿو ڪري سگهجي. نوجوانن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته نوجوان ملڪ جو مستقبل ۽ قيمتي سرمايو آهن، نوجوانن لاءِ غير مناسب لفظن جو استعمال ڪنهن به صورت ۾ مناسب ناهي. گورنر سنڌ جي ڪجهه بيانن بابت تبصرو ڪندي وڏي وزير چيو ته شايد سندن ڄاڻ درست نه آهي. موٽروي منصوبي بابت واجب الادا رقم وقت سر ادا ڪئي وئي هئي. ان معاملي تي جاچون پڻ ٿيون، ڪجهه رقم واپس وصول ڪئي وئي آهي، جڏهن ته باقي رقم جي وصولي جو عمل جاري آهي.سياسي صورتحال بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي بائيڪاٽ جي سياست ڇڏي جمهوري عمل جو حصو بڻجڻ گهرجي. هن چيو ته اسيمبلين، ڪميٽين ۽ چونڊن جو بائيڪاٽ مسئلن جو حل نه آهي، بلڪه سڀني سياسي قوتن کي جمهوري طريقي سان عوام جي خدمت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. پيپلز پارٽي ڪڏهن به نٿي چاهي ته ڪنهن به ملازم کي نوڪريءَ مان ڪڍيو وڃي. حڪومت سرڪاري ملازمن جي حقن جي تحفظ تي يقين رکي ٿي ۽ ريگيولرائيزيشن سميت ٻيا سڀ معاملا قانون موجب طئي ڪيا وڃن ٿا، جڏهن ته ڪجهه حالتن ۾ قانوني گهرجن تحت فيصلا ڪرڻ اڻٽر بڻجي ويندا آهن.

You might also like