واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايران خلاف ڊگهي مدي ۾ فوجي ڪارروائي کان وڌيڪ معاشي دٻاءُ اثرائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
آمريڪي ميڊيا ”ايڪسيوس“ جي رپورٽ موجب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان ايران خلاف معاشي دٻاءُ واري مهم کي هوائي حملن جي ڀيٽ ۾ گهٽ ڌيان مليو آهي، پر آمريڪي حڪومت جي سينيئر عملدارن جو خيال آهي ته آمريڪا طرفان ايران تي لاڳو ڪيل معاشي پابنديون آخرڪار تهران کي فوجي ڪارروائي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ نقصان پهچائي سگهن ٿيون.
آمريڪي خابرو اداري ايڪسيوس اعليٰ حڪومتي عملدارن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي انٽيليجنس جي اندازي موجب پابندين ۽ آمريڪي سامونڊي ناڪابندي سبب ايران ۾ پيٽرول جي کوٽ، بئنڪن مان وڏي پيماني تي رقم ڪڍڻ جا خدشا ۽ جنگجو گروهن کي ادائيگين ۾ ڏکيائيون پيدا ٿي سگهن ٿيون، جنهن سان تهران تي مالي دٻاءُ وڌيڪ وڌي رهيو آهي.
هڪ آمريڪي عملدار چيو ته ايران کي وزارتِ جنگ کان وڌيڪ آمريڪي ناڻي واري وزارت جو خوف آهي.
هن اهو به مڃيو ته رڳو معاشي دٻاءُ ذريعي تهران کي ڪنهن معاهدي تي راضي ڪرڻ ۾ مڪمل فوجي ڪارروائي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته منجمد اثاثن تائين پهچ ۽ معاشي پابندين ۾ نرمي ايران جي بنيادي ترجيحن ۾ شامل آهن. اهي معاملا انهن ڳالهين جو اهم حصو آهن، جن جو مقصد جنگبندي جي هاڻوڪي وقفي کي لڳاتار جنگبندي ۾ تبديل ڪرڻ آهي.