عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب عالمي معيار موجب برينٽ ڪچي تيل جي قيمت هڪ موقعي تي 9 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي 87.59 ڊالر في بيرل تائين اچي وئي.
اها گذريل هفتي جي مقابلي ۾ وڏي تبديلي آهي، ڇاڪاڻ ته گذريل هفتي ڪچي تيل جي قيمت 100 ڊالر في بيرل کان به وڌي وئي هئي.
تيل جي قيمتن ۾ اها گهٽتائي ان وقت سامهون آئي، جڏهن گڏيل قومن ۾ آمريڪي سفير چيو ته ايران تي حملا لڳاتار ٻئي ڏينهن به روڪيا ويا آهن، جيئن ڳالهين لاءِ ڪجهه گنجائش پيدا ٿي سگهي.
ٻئي پاسي ايران جي فوج جي هڪ ترجمان آچر ڏينهن چيو ته تهران خطي ۾ پنهنجي جوابي ڪارروائين کي به روڪي ڇڏيو آهي.
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ آبناءِ هرمز بند ٿيڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو هو.