واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات دوران ايران جي پڪ ايڪس مائونٽين ايٽمي مرڪز بابت انٽيليجنس معلومات فراهم ڪندو.
آمريڪي اخبار ”نيويارڪ پوسٽ“ جي رپورٽ موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته ايران پنهنجي پراسرار پڪ ايڪس مائونٽين ايٽمي مرڪز تي سرگرميون وڌائي رهيو آهي ۽ امن ڳالهين کي جاري رکڻ بابت درست ڄاڻ فراهم نه پيو ڪري.
رپورٽ موجب اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ آمريڪي صدر ٽرمپ جي ملاقات ۾ ايران سان تازي جنگ ۽ ايران جي ايٽمي پروگرام تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيلي وفد ملاقات دوران اهڙا ثبوت پيش ڪندو، جن مان ظاهر ٿيندو ته ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام بابت نيون سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ تهران هن وقت نيڪ نيتي سان ڳالهيون نه ڪري رهيو آهي.
آمريڪي اخبار ”وال اسٽريٽ جرنل“ جي رپورٽ موجب اسرائيل کي اهڙا ثبوت مليا آهن، جن مان معلوم ٿئي ٿو ته 2020ع ۾ تعمير شروع ٿيڻ کان پوءِ پهريون ڀيرو ڳجهي پڪ ايڪس مائونٽين سهولت تي ايٽمي سينٽريفيوجز پهچايا ويا آهن.
هي زمين هيٺ مرڪز نطنز جي ايٽمي سهولت ويجهو ڪوهه ڪولنگ جبل هيٺ 300 فوٽن کان وڌيڪ اونهائي ۾ واقع آهي ۽ ڊگهي عرصي کان خدشو ظاهر ڪيو ويندو رهيو آهي ته اهو ايران جي ايٽمي پروگرام جو حصو آهي.
ان کان اڳ هن هنڌ تي ايٽمي سرگرمين جا ڪي به ثبوت سامهون نه آيا هئا. صدر ٽرمپ ماضي ۾ ايران خلاف حملن دوران هن سهولت کي نشانو نه بڻائڻ جو هڪ سبب به اهو ئي ٻڌايو هو.
گذريل هفتي صدر ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي پڪ ايڪس مائونٽين تي سرگرمين بابت رپورٽن کي گهٽ اهميت ڏيندي چيو هو ته آمريڪا وٽ ان حوالي سان ڪا ڄاڻ موجود ناهي. جڏهن ته تازن ڏينهن ۾ صدر ٽرمپ هن جبل واري سهولت کي نشانو بڻائڻ جي امڪان جو اشارو پڻ ڏنو آهي.
رپورٽن موجب آمريڪي فوجون زميني ڪارروائي لاءِ به تيار آهن، جنهن جو مقصد ايران ۾ زمين اندر محفوظ ڪيل سوين پائونڊ افزودا يورينيم تي قبضو ڪرڻ ٿي سگهي ٿو.
ذريعن موجب اسرائيل اهڙا ثبوت به پيش ڪندو، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران پنهنجي ميزائل ۽ ڊرون پروگرام کي ٻيهر بحال ڪرڻ ۾ مصروف آهي، جيتوڻيڪ آمريڪي هوائي حملن سبب انهن صلاحيتن کي سخت نقصان پهتو هو.