ايران آمريڪي تجويزون رد ڪري ڇڏيون: ايراني نائب پرڏيهي وزير

تهران(ويب ڊيسڪ)ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو آهي ته تهران ٽياڪڙن ذريعي ٿيندڙ ڳالهين ۾ آمريڪا جون تجويزون رد ڪري ڇڏيون آهن.

هن چيو ته آمريڪا جي غير مناسب مطالبن سبب ايران اهو قدم کنيو. هن انڪشاف ڪيو ته ڳالهيون اسلام آباد ۾ شروع ٿيون هيون، پر آمريڪا اهڙو منصوبو پيش ڪيو جنهن ۾ غير مناسب مطالبا شامل هئا، جنهن کي ايراني وفد واضح طور رد ڪري ڇڏيو.

غريب آبادي چيو ته آمريڪا اعلان ڪيو هو ته جيڪڏهن منصوبو رد ڪيو ويو ته ڳالهين کي ناڪام سمجهيو ويندو ۽ آمريڪي وفد واپس هليو ويندو ۽ آخرڪار ائين ئي ٿيو.

هن چيو ته ايراني وفد نه ته ڳالهين کي جاري رکڻ تي زور ڏنو ۽ نه ئي ڪا درخواست ڪئي، جيڪو ايران جي وقار واري سفارتڪاري جو مثال آهي.

آبناءِ هرمز بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ايران طرفان ان کي ٻيهر بند ڪرڻ کانپوءِ عمان ۾ به ڳالهيون ٿيون. عماني وفد تجويز ڏني ته جهازن جي اچ وڃ لاءِ ڏاکڻو رستو کليل رکيو وڃي، پر ايران اها تجويز قبول نه ڪئي.

غريب آبادي چيو ته ايران جي پاليسي واضح آهي ۽ هو اهڙيون تجويزون قبول نه ڪندو جيڪي سندس اصولن خلاف هجن. هن چيو ته آبناءِ هرمز کي بند رکڻ واري پاليسي برقرار آهي، جيڪا ايران جي وقار واري سفارتڪاري جو ٻيو مثال آهي.

You might also like