روسي صدر جي ايراني جنگي ٻيڙين ”ماسڪيٽو فليٽ“ جي واکاڻ

روسي صدر ولاديمير پيوٽن ايران جي ننڍين تيز رفتار ٻيڙين تي ٻڌل ”ماسڪيٽو فليٽ“ جي تعريف ڪندي چيو آهي ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ هٿيارن سبب اهي جنگي ڪارروائين ۾ اثرائتيون ثابت ٿي رهيون آهن.

روسي سرڪاري خابرو اداري موجب بحري فوج جي آفيسرن سان ملاقات دوران پيوٽن وچ اوڀر جي صورتحال جو حوالو ڏيندي چيو ته ايران ماسڪيٽو فليٽ استعمال ڪري پنهنجي جنگي ڪارروائين کي وڌيڪ اثرائتو بڻايو آهي.

هن چيو ته هي نئين ٽيڪنالاجي جو معاملو آهي، روس وٽ به اهڙيون ننڍيون ٻيڙيون آهن، جيڪي وزن ۾ هلڪيون پر جديد هٿيارن سان ليس آهن.

رپورٽن موجب ايران جي ماسڪيٽو فليٽ ۾ لڳ ڀڳ 20 غدير ڪلاس ننڍيون آبدوزون ۽ هزارين تيز رفتار حملي آور ٻيڙيون شامل آهن.

You might also like