عراقي مليشيا سعودي عرب تي ڊرون حملن جي ترديد ڪري ڇڏي

عراق جي اسلامي مزاحمتي تنظيم سعودي عرب جي تيل جي جاين تي ڊرون حملن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته رياض طرفان لڳايل الزام بي بنياد آهن.

سعودي عرب الزام لڳايو هو ته انهن حملن جي ذميواري عراق جي ايران حمايت يافته مليشيا تي آهي، جنهن کي تنظيم رد ڪري ڇڏيو آهي.

تنظيم پنهنجي بيان ۾ يمن جي عوام تي لاڳو ڪيل ”ناانصافي واري گهيري“ کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ خبردار ڪيو ته سعودي عرب طرفان ڪو به غير دانشمنداڻو قدم کنيو ويو ته ان جو سخت جواب ڏنو ويندو.

You might also like